پيپلز پارٽي پشاور سانحي تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) پيپلزپارٽي، پشاور سانحي تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته حڪومت مولانا عبدالعزيز خلاف ڪارروائي ڪئي ته مفلوج ٿي وئي هئي، جيڪڏهن تحريڪ طالبان جي همدرد خلاف ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي ته پوءِ دهشتگردي خلاف جنگ ڪيئن کٽي ٿي سگهجي.؟ پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ سينيٽ جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين صابر بلوچ جي صدارت هيٺ جاري آهي، جنهن ۾ ٻي ڏينهن به پشاور سانحي تي بحث ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي خطاب ڪندي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن چيو ته دهشتگرد ڪملو به پڙهن ٿا ۽ ٻارڙن کي به قتل ڪن ٿا، دهشتگرد اهڙي بدترين مخلوق آهن، جن جو انسانيت سان ڪو به واسطو ناهي. اعتزاز احسن چيو ته اسان جي ٻارڙن کي قلم ڏيڻ بدران بندوق ۽ آپگهاتي جيڪيٽ ڏنا ويا، بي بـَدڪ بدران بي  بندوق ۽ ٽي ٽوپي بدران ٽي ٽينڪ جو سبق پڙهايو پيو وڃي. هن چيو ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار صحيح چوي ٿو ته 90 سيڪڙو مدرسن ۾ هٿياربند تربيت نه ٿي رهي آهي، مسئلو صرف ان 10 سيڪڙو مدرسن جو آهي، جتي هٿياربند تربيت ڏني پئي وڃي. اعتزاز احسن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ جنرل راحيل شريف ۽ ان جا فوجي وڙهي رهيا آهن، حڪومت سي ڊي اي جي مسجد ۾ ويٺل طالبان جي همدردي خلاف ڪارروائي ڪئي ته مفلوج جي ٿي وئي، جيڪا سرڪار مولانا عبدالعزيز خلاف ڪارروائي نٿي ڪري سگهي اها جنگ ڪيئن کٽيندي. هن چيو ته اسان ڪنهن مسجد کي ڪيرائڻ جي حق ۾ ناهيون،مسجد کي ڪيرايو نه پر آباد ڪيو ويندو آهي، هي وقت دهشتگردي خلاف ڪارروائي جو آهي پر حڪومتي ڪميٽيون ٺاهڻ ۾ پوري آهي. سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر چيو ته پشاور ۾ اسڪول تي حملو ڪندڙ دهشتگرد افغانستان، منڊي بهاءُ الدين ۽ بهاولپور ۾ رابطو ڪندا رهيا پر لاڳاپيل اختيارين کي سـُـڌ نه پئي. اعتزاز احسن مطالبو ڪيو ته پشاور سانحي تي سينيٽ جو گڏيل اجلاس گهرائي ايوان ۽ قوم کي حقيقتن کان آگاهه ڪيو وڃي، جڏهن ته موجوده صورتحال تي وزيراعظم کي به قوم کي خطاب ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *