پيپلز پارٽي هميشه بلوچستان جي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): بلاول هائوس ترجمان پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته اڳوڻي صدر آصف زرداري سان سردار اختر مينگل ۽ سردار اسرارالله زهري ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ علي مدد جتڪ به موجود هئا، ترجمان موجب آصف علي زرداري کي بلوچستان صورتحال بابت آگاهه ڪيو ويو، آصف زرداري چيو ته پيپلز پارٽي هميشه بلوچستان جي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، پيپلز پارٽي ”آغاز حقوق بلوچستان“ پروگرام شروع ڪيو، آصف زرداري چيو ته جمهوريت جي مضبوطي سان ئي صوبن جي حقن جو تحفظ ٿي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *