پيپلز پارٽي نيشنل يا ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ برداشت نه ڪندي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي نيشنل يا ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ برداشت نه ڪندي، نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته احتساب ۾ ڪو فرق ن هئڻ گهرجي، هن چيو ته پارٽي ۾ ڪو بدعنواني ۾ ملوث مليو ته ان جو ساٿ نه ڏينداسين، هن چيو ته ننڍين چڍونڊن ۾ پيپلز پارٽي ڪراچيءَ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نوجوانن ۾ عمران خان جي مقبوليت جو تاثر غلط آهي، هن چيو ته نفرت جي سياست ملڪ جي مفاد ۾ بهتر ناهي، ڪرپشن خلاف ڳالهائيندڙ ان جو حل ڪڍڻ نٿا چاهين، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، هن چيو ته مون چيو جمهوريت اسان جو انتقام آهي، ڳالهه اها آهي ته يا ته اوهان جمهوريت سان گڏ آهيو يا ڪرپشن سان گڏ آهيو، پيپلز پارٽي هميشه جمهوريت سان گڏ هوندي آهي، بينظير ڀٽو جي شهادت تي سڄو ملڪ لڏي ويو هيو، عمران خان خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *