پيپلز پارٽي ننڍي چونڊ ۾ بدترين شڪست تي پنج رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي نواز ليگ حڪومت ۾ ڪالاباغ ڊيم جو معاملو ٻيهر اُٿارڻ سازش لڳي ٿو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم خلاف ٻين صوبن ٺهراءَ منظور ڪيا آهن، نواز شريف حڪومت ۾ ڪالاباغ ڊيم جو معاملو اٿارڻ سازش ٿي سگهي ٿي، جيڪا ٻين خلاف گهٽ ۽ حڪومت خلاف گهڻي لڳي رهي آهي، ننڍين ۽ مڪاني چونڊن ۾ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا 30 نومبر تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي رپورٽ پيش ڪندي، يوم تاسيس جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري نئين حڪمت عملي جو اعلان ڪندو، فاٽا جي حقن لاءِ بل قومي اسيمبلي ۽ سينٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي، اربع تي مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ پيپلز پارٽي فاٽا جي اجلاس کانپوءِ سينيٽر فرحت الله بابر آخونزاده چٺاڻ ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس خطاب ڪندي سيد خورشيد شاهه چيو ته فاٽا جي ماڻهن کي حق ڏنا ويندا، هاڻ اهو دور نه رهيو آهي جنهن ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ وٽ سمورا اختيار آهن، اسان قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ بل پيش ڪيو آهي ۽ بل جي حمايت تي ٻين جماعتن جا ٿورائتا آهيون، هن فاٽا جي ماڻهن سان واعدو ڪيو ته هو ان بل کي پارليامينٽ مان پاس ڪرائيندو ۽ فاٽا جو عوام ملڪ جي ٻئي عوام جهڙا حق حاصل ڪري سگهندو، انهن کي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل جو حق هوندو، هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه فاٽا جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ پ پ جي دور ۾ فاٽا کي حق ڏنا به ويا آهن، هن چيو ته فاٽا جي ماڻهن جهڙي طرح دهشتگردي جو مقابلو ڪيو آهي اتان جي هر ماڻهو کي سلام پيش ڪريان ٿو، اهي ڏينهن پري نه آهي جڏهن فاٽا جي عوام کي حق ڏنا ويندا، انهن کي 1973 جي آئين ۽ قانون مطابق حق ملڻ گهرجن، قبائلي علائقا پاڪستان ۽ آئين جو حصو آهن ۽ انهن کي ان مطابق حق ڏنا ويندا، ان موقعي تي سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ميان نواز شريف کي خط لکيو آهي جنهن ۾ ان سان فاٽا سڌارن بابت بل تي حمايت ڪرڻ لاءِ چيو آهي، هن چيو ته فاٽا جي عوام کان معلوم ڪيو وڃي ته اهي ڌار صوبو چاهين ٿا يا اهي ڪي پي ڪي ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا، بعد ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته حڪومت ڪالاباغ ڊيم مسئلي کي الجهائي رهي آهي، ٻين صوبن ڪالاباغ ڊيم خلاف ٺهراءَ منظور ڪيا آهن، نواز شريف حڪومت ۾ ڪالاباغ ڊيم جو معاملو اٿارڻ سازش ٿي سگهي ٿي، جيڪا ٻين خلاف گهٽ ۽ حڪومت خلاف گهڻي لڳي رهي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي ننڍين ۽ مڪاني چونڊن ۾ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا 30 نومبر تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي رپورٽ پيش ڪندي، هن چيو ته يوم تاسيس جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري نئين حڪمت عملي جو اعلان ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *