پيپلز پارٽي لياري ۾ جلسي جو اعلان ڪري ڇڏيو، نبيل گبول واپس اچڻ جا پر پيو هڻي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پپپلز پارٽي لياري ۾ جلسي جو اعلان ڪيو آهي، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته نبيل گبول پاران ٻيهر پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رابطا ٿيا آهن ۽ ڪراچي ۾ غير قانوني شادي هالز مالڪ پاڻمرادو هال ڊاهن سرڪار ڪارروائي ڪئي ته سامان به ضبط ڪيو ويندو. بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نبيل گبول پاران ٻيهر پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ  رابطا ٿيا آهن پر پارٽي قيادت اڃا ڪوبه فيصلو ناهي ڪيو. هن چيو ته پ پ تمام جلد لياري ۾ جلسو ڪندي ، جنهن کي پارٽي جي سينيئر قيادت خطاب ڪندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ حد دخلين خلاف ڪارروائي جاري رهندي ۽ اهڙي ڪارروائي تي ڪوبه دٻاءُ برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته پبلڪ پارڪس، راندين جي گرائونڊز  ۽ ڀلائي وارن پلاٽن تي شادي هالز ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته غير قانوني شادي هالز وارا پاڻمرادو هال ڊاهن ۽ جڏهن سرڪاري ٽيمون آيون ته انهن جو سامان به ضبط ڪيو ويندو. صوبائي وزير چيو ته گذريل ڏينهن عمران خان جي سيڪيورٽي لاءِ اڌ شهر جي پوليس لڳائي وئي ۽ اين اي 246 تي ننڍي چونڊ دوران مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پ پ مڪاني چونڊن جي تياري ڪري رهي آهي ۽ مختلف پارٽين سان واسطو رکندڙ 28 ڄڻن پ پ ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *