پيپلز پارٽي سان جنهن به غداري ڪئي ان جو سياسي وجود ختم ٿي ويو: آغا سراج دراني

ڀٽ شاهه(رپورٽر)  ملڪ ۾ ڪنهن به تبديلي جي ضرورت ناهي، جيڪر ضرورت پئي ته تبديلي ضرور ايندي. پيپلز پارٽي شهيدن جي خون سان ٺهيل آهي، هنن پاڪستان کي بچايو آهي، آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هڻي ملڪ کي ٽٽڻ کان بچايو، پ پ پ ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ نه پيو ٺهي، جنهن به پي پي سان غداري ڪئي آهي انهن جو سياسي وجود ختم ٿي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني  ڀٽ شاهه ۾ سيد نثار حسين شاهه جي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو  هن وقت ملڪ کي ڪنهن به تبديلي جي ضرورت نه آهي جيڪر ضرورت محسوس ٿي ته تبديلي کي ڪير به روڪي نه سگهندو هن پاڪستان پيپلز پارٽي اندر پيدا ٿيل اختلافن واري خبرن کي رد ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي شهيدن جي خون سان ٺهيل آهي ۽ اڄ به پاڪستان جي وڏي سياسي قوت آهي. هن وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿي ملڪ کي بچايو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هڻي ملڪ کي ٽٽڻ کان بچايو. هن چيو ته پ پ پ جي سموري قيادت متحد آهي، ۽ سمورن اڳواڻن کي پارٽي قيادت تي پورو اعتماد آهي ان ڪري پ پ پ ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ نه پيو ٺهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو ۽ فاطمه ڀٽو جي وچ ۾ ٺاهه وارين ڳالهين  جي حوالي سان ميڊيا ۾ آيل خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي. پشاور سانحي بعد سموري ملڪ جي پارٽين اتحاد ۽ اتفاق جو اظهار ڪيو آهي ۽ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ بابت سمورين پارٽين گڏيل فيصلو ڪيو آهي جنهن تي پيپلز پارٽي کي ڪجهه تحفظات هيا جيڪي دور ڪيا ويا ۽ سڀني پارٽين گڏيل طور تي فوجي عدالتن جي اجازت ڏني آهي فقط پيپلز پارٽي اهڙو قدم ناهي کنيو. ڀٽ شاهه جي ترقياتي ڪمن ۾ ٿيل ڪرپشن بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀٽ شاهه ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ ۾ ڪيل ڪرپشن جي حوالي سان ضرور متعلقه ادارن کي ياد ڏياريندس ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. انهيءَ موقعي تي سيد علي اڪبر شاهه، حاجي غلام رسول ملاح، ڊاڪٽر جواد حسين شاهه ۽ پ پ پ جا مقامي رهنما ساڻس گڏ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *