پيپلز پارٽي ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي آهي، جيڪا پورهيتن، هارين لاءِ ٺاهي وئي ۽ انهن کي مضبوط ڪيو ويو: نثار کهڙو

ڪراچي (اين اين آءِ) پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن اوڀر ضلعي جي احتمام هيٺ ذوالفقار علي ڀٽو جي 88 هين سالگره جي تقريب پيپلز سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي، تقريب جو خاص مهمان نثار احمد کهڙو هو، وقار مهدي، راشد رباني، فريد انصاري، نجمي عالم، لطيف مغل، اقبال ساند، خرم سليم، شعيب مرزا سميت ضلعي صدر ۽ جنرل سيڪريٽريز ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، ان کانپوءِ نثار احمد کهڙو چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ذوالفقار علي ڀٽو جي آهي جيڪا پورهيتن، هارين ۽ آبادگارن لاءِ ٺاهي وئي ۽ انهن سڀني کي سگهارو ڪيو ويو، هن چيو ته ڪو به ماءُ جو پٽ 73 جو آئين ختم نٿو ڪري سگهي، پ پ شروع کان اڄ تائين گهڻو ڪجهه برداشت ڪندي آئي آهي، قيادت جي شهادت، ڪارڪنن جا نظرانا ۽ تاريخ پاڪستان پيپلز پارٽِي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي، هن چيو ته پ پ کانسواءِ پاڪستان ۾ اهڙي ڪا پارٽي نه آهي جن جي ڪارڪن پنهنجي ليڊر لاءِ پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، گوليون کاڌيون ۽ پ پ لاءِ سر ڏنا، هن چيو ته پ پ کي ختم ڪندڙ ڪالهه به اهمڪن جي جنت ۾ رهندا هئا ۽ اڄ به جن جو چٽو ثبوت مڪاني چونڊن ۾ پ پ جي نامزد اميدوارن جو ڪامياب ٿيڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *