پيپلز پارٽي خلاف ڪات ڪهاڙا استعمال ڪرڻ ڪا نئين ڳالھ ناهي: مراد علي شاھ

سڪرنڊ(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏير وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته جي آئي ٽي جي رپورٽ کانپوءِ نواز شريف جو بطور وزير اعظم رهڻ جو ڪو به اخلاقي جواز ناهي کيس ٻه جج اڳيئي نااهل قرار ڏئي چڪا آهن، هو سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ محرابپور ۾ ايم اين اي سيد غلام مصطفيٰ شاھ جي امڙ جي لاڏاڻي تي عذرخواهي وقت سڪرنڊ پريس ڪلب جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو، هن چيو ته پيپلز پارٽي خلاف ڪات ڪهاڙا استعمال ڪرڻ ڪا نئين ڳالھ ناهي ماضيءَ جي تاريخ رهي آهي ته جنرل ضياء، نوازشريف ۽ جنرل مشرف جا دور سدائين پيپلز پارٽي خلاف رهيا آهن پر پيپلز پارٽي اڄ به پنهنجي عروج تي قائم آهي، ڇاڪاڻ جو عوام جي کيس سگھ حاصل آهي، ان ڪري ئي ڪنهن جابر ۽ آمر آڏو جهڪي ناهي، جڏھن ته نوازشريف معافي نامو لکي ملڪ بدر رهيو آهي، هن اهو پڻ چيو ته پي ٽي آئي پاڻ کي صاف سٿرو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪڏھن ايئن آهي ته پوءِ ملڪي ۽ غير ملڪي کربن جا اثاثا عدالتن جي پڇاڻي باوجود عدالتن ۾ ثابت ڇو نٿا ڪن، ان موقعي تي ساڻس گڏ صوبائي وزير ضياء الحسن لنجار، ڄام مدد علي، شرجيل انعام ميمڻ، ڄام خان شورو، غلام قادر چانڊيو، خان محمد ڏاهري ۽ ٻيا ڪيترائي سياسي اڳواڻ موجود هئا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *