پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ملاقات ڪري صوبي جي سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري ٺٽي ۽ سجاول جي چونڊيل نمائندن ۽ اڳواڻن جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. بلاول هائوس ڪراچي ۾ بلاول ڀٽو زرداري سان سنڌ جي وڏي وزير ملاقات ڪري سنڌ ۾ سياسي ۽ امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون آهن. بلاول ڀٽو زرداري سجاول ۽ ٺٽي سان واسطو رکندڙ چونڊيل نمائندن  ۽ اڳواڻن جو  اجلاس به طلب ڪري ورتو  آهي، جنهن ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *