پيپلز پارٽي جو پارليامينٽ ۾ هارين جي معاملي تي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ آصف علي زرداري هارين جي معاملي کي پارليامينٽ ۾ اٿارڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي، ذريعن موجب پ پ پارليامينٽ ۾ هارين جي معاملي تي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، آصف علي زرداري پارليامينٽ ۾ هارين جي مسئلي کي اٿارڻ لاءِ پ پ جي ميمبرن جي هائوس ڪميٽي ٺاهڻ جي منظوري ڏني آهي، پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پارٽي جي ڪجهه اجلاسن کانپوءِ هارين جي معاملي کي پارليامينٽ اندر ڀرپور طريقي سان اٿارڻ جو اعلان ڪيو، آصف زرداري پارٽي جي ايندڙ چونڊ منشور ۾ هارين جو باب شامل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي جنهن لاءِ جلد پارٽي جي هڪ ڪميٽي چونڊ منشور لاءِ پارٽي جي زرعي پاليسين لاءِ سفارشون پيش ڪندي، آصف علي زرداري هدايت ۾ واضح ڪيو آهي ته هارين جي مسئلن تي حڪومت کي رعايت نه ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *