پيپلز پارٽي جو اڳوڻو مملڪتي وزير صمصام بخاري، اشرف سوهنا ۽ عارف خان تحريڪ انصاف ۾ شامل

اسلام آباد(بيورو) پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جا اڳواڻ منظور وٽو کانسواءِ اوڪاڙا تنظيم جا سمورا عهديدار تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويا. اڳوڻي مملڪتي وزير صمصام بخاري، اڳوڻي صوبائي وزير اشرف سوهنا ۽ عارف خان بني گالا ۾ عمران خان سان ملاقات ڪئي. شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين به اتي موجود هئا. پيپلز پارٽي ڇڏيندڙ اڳواڻ چيو ته هو وافادار ماڻهو آهن پر پيپلزپارٽي هاڻي اڳ واري پارٽي ناهي رهي. عمران خان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيندڙ اڳواڻن جي پنهنجي پارٽي ۾ آجيان ڪئي۽ چيو ته نئون پاڪستان جوڙڻ واري تحريڪ ڏينهون ڏينهن تيزي وٺي رهي آهي. هوڏانهن منڊي بهاوالدين مان مسلم ليگ ن جي اڳوڻي اسيمبلي ميمبر اڪرام الله رانجها به تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *