پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ مخدوم امين فهيم ڪراچي پهچي ويو

ڪراچي (اين اين آءِ) پيپلزپارٽي جو اڳواڻ مخدوم امين فهيم دبئي مان ڪراچي پهچي ويو مخدوم امين فهيم ڪينسر جو مريض آهي هو ڪجهه عرصو اڳ ڪينسر جي علاج لاءِ لنڊن ويل هو جتان هو دبئي هليو ويو مخدوم امين فهيم سان گڏ ان جو پٽ جميل زمان به وطن واپس پهتو ڪراچي ايئرپورٽ تي سندن استقبال راشد رباني ۽ وقار مهدي ڪيو جڏهن ته ان جو پٽ رفيق الزمان به ايئرپورٽ تي موجود هو مخدوم امين فهيم کي ايئرپورٽ کان نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو ڪجهه ڏينهن قيام کان پوءِ علاج لاءِ ٻيهر لنڊن ويندو ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير جي خاص صلاحڪار علي حسن چيو ته مخدوم امين فهيم کي سندس خواهش تي وطن آندو ويو پارٽي ڪارڪنن سان ملاقات جو خواهشمند هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *