پيپلزپارٽي جي دور ۾ سنڌ جي عوام کي بنيادي سهولتن کان به محروم رکيو ويو آهي: عمران خان

ڪراچي (م.ڊِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هن حڪومت جو خاتمو سنڌ مان ئي شروع ٿيندو، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبي جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي عمران خان چيو ته پيپلزپارٽي جي دور ۾ سنڌ جي عوام کي بنيادي سهولتن کان به محروم رکيو ويو آهي پر هاڻ آصف زرداري مافيا خلاف صوبي جو عوام بيدار ٿي چڪو آهي، عمران خان چيو ته مون کي سنڌ واسين ۾ حقيقي آزادي جو شعور نظر اچي رهيو آهي، حقيقي آزادي جي لاءِ مان سنڌ جي عوام وٽ ويندس، صوبيجا ماڻهو وڏي تعداد ۾ اسان گڏ ٻاهر نڪرن، پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي مصنوعي کوٽ پيدا ڪري زمينون تباهه ڪيون پيون وڃن، صوبي ۾ ننڍا هاري تباهه ٿي ويا آهن پر آصف زرداري جون شگر ملون ۽ زمينون وڌي رهيون آهن، هن حڪومت جو خاتمو سنڌ مان ئي شروع ٿيندو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *