پيپلزپارٽي جمهوري ادارن ۽ پارليامينٽ جي مضبوطي تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪندي: يوسف رضا گيلاني

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پيپلزپارٽي جو آئين ۽ جمهوريت جي بقا تي ايمان جي حد تائين يقين آهي پيپلزپارٽي جمهوري ادارن ۽ پارليمينٽ جي مضبوطي تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪندي بينظير ڀٽو عالمي برادري جي ذريعي مشرف کي آرمي چيف جو عهدو ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ۽ ملڪ ۾ جمهوريت بحال ٿي ملڪ ۾ اڄ جمهوريت بينظير ڀٽو جي سياسي ڏاهپ جي ڪري آهي ان نوازشريف کي اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪرڻ تي راضي ڪيو پوءِ ان جي شهادت کان پوءِ آصف زرداري نوازشريف کي 2008 جي چونڊ ۾ حصو وٺڻ تي قائل ڪيو ڇو ته هو ڇو ته هو ان کان وڌيڪ ان جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري چڪو هو خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي سيد يوسف رضا گيلاني پيپلزپارٽي تي ڪرپشن جا ڪيس داخل ٿيڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته هي الزام ميڊيا ٽرائيل جي زمري ۾ اچن ٿا ڇو ته سمورا ڪيس عدالتن هيٺ ٻڌڻي هيٺ آهن هن چيو ته چارٽر آف ڊيموڪريسي کي هن 85 سيڪڙو عملدارامد ڪيو پر 15 سيڪڙو ان تي مسلم ليگ (ن) جي ڪري عملدرامد نه ٿي سگهيو يوسف رضا گيلاني چيو ته ميثاق جمهوريت تي احتساب ڪميشن جو قيام شامل هو هن سڀ کان پهريان پنهنجي وزارت اعظميٰ جي شروع ۾ ئي نيب کي وزيراعظم سيڪريتريٽ مان قانون واري وزارت ۾ ٽرانسفر ڪري ڇڏيو هن وڌيڪ چيو ته احتساب ڪميشن دٻاءُ ۽ ڪجهه مصلحت جي ڪري پارليمينٽ مان قانون پاس نه ٿي سگهيو جنهن جو ان کي گهڻو ڏک آهي هن پنهنجي اسپيڪر شپ جي دوران ڀرتيون ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جيل مينوئل تحت 10 سال سزا ڀوڳي پر اعليٰ عدليه ان کي انهن الزامن مان عزت سان بري ڪري ڇڏيو جڏهن هن نيب کان معافي وٺڻ جو مطالبو ڪيو ته ان اداري معافي وٺڻ بدران ان جي خلاف هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو هن ياد ڏياريو ته هن موجوده چيئرمين نيب کي گهرو سيڪريٽري جي عهدي تان فارغ انهيءَ ڪري ڪيو هو جو هن ان وقت جي دفاع واري وزير چوڌري مختار کي چين وڃڻ کان روڪي ڇڏيو هو هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته جيتوڻيڪ چيف جسٽس افتخار چوڌري جي عدالت سندس حڪومت کي ڪم نه ڪرڻ ڏنو پر ان جي باوجود سندس حڪومت تاريخي فيصلا ڪيا جنهن ۾ آئين جي متفقه طور تي بحالي جيڪا 446 جي هائوس ۾ مشڪل ڪم هو ان سطح جي مشڪل 1973 جي آئين سازي اسيمبلي کي آڏو نه هئي جيڪا صرف 128 ميمبرن تي ٻڌل هئي ان کان علاوه هن چيو ته ان جي حڪومت خيبرپختونخواهه کي سڃاڻپ ڏني گلگت بلتستان کي اسپيشل اسٽيٽس ڏنو ايف سي آر ۾ ترميمون آنديون فاٽا ۾ پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ نافذ ڪيو ستون نيشنل فنانس ايوارڊ گڏيل طور تي منظور ڪيو بلوچن جي سياسي ۽ معاشي محرومي ختم ڪرڻ لاءِ آغاز حقوق بلوچستان ڏنو مالاڪنڊ ۽ سوات ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ڪيو ۽ پاڪستاني جهنڊو ٻيهر ڦڙڪايو ان کان سواءِ 25 لک آءِ ڊي پيز کي ٽن مهينن ۾ پنهنجي گهرن ڏانهن عزت ۽ وقار سان اماڻيو ويو عورتن جي خلاف تشدد کي روڪڻ لاءِ تاريخي قانونسازي ڪئي ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت عورتن کي بااختيار بڻايو ان کانسواءِ اقليتن جي حقن لاءِ سنگ ميل قدم کنيا. جن ۾ سينيٽ ۾ انهن لاءِ 4 مخصوص سيٽون ڏنيون ويون يوسف رضا گيلاني چيو ته جنرل ڪياني جي نوڪري جي مدي ۾ واڌ ان ڪنهن دٻاءُ بنا ڪئي ۽ دٻاءُ ڪنهن طرفان نه هو ڪرپشن جي هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته حج ڪرپشن جي الزام تي سندس پٽن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ مسلم ليگ (ن) جي هڪ ميمبر ايئن ڪيو پر سپريم ڪورٽ ان بي بنياد ڪيس جي ڏوهه ۾ حڪم ڏنو ته ڪيس ڪندڙ ميمبر خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي هن افسوس سان چيو ته ميڊيا اڃا تائين ڪيس آجو قرار ناهي ڏنو ڀارت سان لاڳاپن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن هندستان جي ان وقت جي وزيراعظم من موهن سنگهه سان شرم الشيخ ۾ ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته گڏيل بيان ۾ هي عهد ڪيو ويو ته سمورا مسئلا، ڪسمير، سرڪريڪ، سياچن ۽ هندستان جي بلوچستان ۾ مداخلت کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏنو ويو جيڪا ان جي وڏي ڪاميابي هئي پاڪستان پيپلزپارٽي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته جمهوري نظام ۾ سياسي جماعتن تي اهڙا وقت ايندا رهن ٿا هن چيو ته 90 جي ڏهاڪي ۾ پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ۾ فقط 14 سيٽون هيون جڏهن ته سنڌ ۾ اپوزيشن ۾ به نه هئي پر ايندڙ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ٻيهر ووٽن ذريعي چونڊجي اقتدار ۾ آئي هن چيو ته بلاول ڀٽو 60 سيڪڙو پاڪستان جي آبادي جي نوجوانن جي ترجماني ڪري ٿو جڏهن ته ٻي سڄي ليڊرشپ هاڻي 60 سالن کان مٿي آهي هن انڪشاف ڪيو ته پارٽي جي سي اي سي جي اجلاس ۾ هن پنهنجي استعيفا رضاڪاراڻي طور پيش ڪئي ۽ تجويز ڪيو ته نوجوان قيادت آڏو آندي وڃي هن اهو به چيو ته هن انهيءَ اجلاس ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو کي هاڻي کان پارليمينٽ ۾ آڻڻ جي تجويز ڏني هئي ته جيئن هو پاڪستان جي سياست ۽ سياستدانن کان روشناس هجي ۽ سياسي تجربو هاصل ڪري جيڪو ان لاءِ ۽ پارٽي ۽ ملڪ لاءِ وڏو فائديمند هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *