پيٽرول 9 روپيا 66 پئسا سستو ٿي ويو، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (بيورو) اوگرا پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب پيٽرول 9 رپيا 66 پئسا في ليٽر سستو ٿيڻ بعد ان جي نئين قيمت 84 رپيا 66 پئسا في ليٽر ٿي وئي. اوگرا پاران جاري ڪيل نوٽيفيڪشن موجب پيٽرول 9 رپيا 66 پئسا في ليٽر جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 7 رپيا 12 پئسا في ليٽر سستو ٿي ويو. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين قيمت 84 رپيا 53 پئسا ٿي وئي جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل هاڻي 94 رپيا 9 پئسا في ليٽر ۾ ملي سگهندو. لائيٽ ڊيزل پنج رپيا 39 پئسا في ليٽر گهٽتائي سان 77 رپيا 98 پئسا في ليٽر ۾ ملندو. هاءِ اوڪٽين جي قيمت ۾ به 10 رپيا 18 پئسا في ليٽر لاٿ ڪئي آهي جنهن بعد ان جينئين قيمت 106 رپيا 27 پئسا في ليٽر ٿي وئي. گاسليٽ به 4 رپيا 34 پسئا في ليٽر گهٽتائي سان 83 پئسا 18 پئسا في ليٽر ۾ فراهم ٿيندو. پيٽروليم شين جا نوان اگهه رات 12 وڳي کان پوءِ لاڳو ٿي ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *