پيٽرول جي قيمتن ۾ اڄ ٻيهر گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويندو: نواز شريف

ڪراچي(اسٽآف رپورٽر) وزيراعظم محمد نواز شريف سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي هدايت ڪئي آهي ته ملڪ اندر پيٽروليم جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ عوامي ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا گهٽ ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن. هن اهڙي هدايت ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيرعظم محمد نواز شريف چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي بعد ملڪ اندر عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان ريڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ آبادگارن کي پوک ۾ ڪتب ايندڙ شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي ذريعي رليف فراهم ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته هو ڇنڇر ڏينهن اڄ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ هڪ دفعو ٻيهر گهٽتائي جو اعلان ڪرڻ وارو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *