پيٽرول تي سمورا ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيا، سڄو فائدو عوام کي ڏينداسين: وفاقي سرڪار

ڪراچي (م.ڊ) ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته پيٽرول تي سمورا ٽئڪس ختم ڪري ڇڏيا آهن، تيل جِي قيمت ۾ لاٿ جو فائدو عوام کي ڏينداسين، جيڪڏهن ري فنانس نه ڏينداسين ته پوءِ ڪجهه ٻيو ڪرڻو پوندو، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين ميڊيا سان ڳالھائيندي ته اسان جا پئسا 10 رپيا انڊر ويليو آهن، افواهه هئا ته لاڪرز سيل ٿي ويندا، پر اهڙي ڪابه شئي ناهي، اهڙو ڪوبه قدم ناهي کنيو جنهن سان مارڪيٽ ۾ ڊسٽارشن ٿئي، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شوڪت ترين وڌيڪ چيو ته اسان جو مسئلو غربت نه پر مهانگائي آهي، هاڻ ڪوبه نئون ٽئڪس نه لڳائينداسين رڳو ٽئڪس تي ڇوٽ ختم ڪري رهيا آهيون، حڪومت زراعت جَي شعبي کي ترقي ڏيڻ چاهي ٿي، فرٽيلائيزر ڪمپنين کي گئس جي مد ۾ 150 ارب رپين کان وڌيڪ سسبڊي ڏئي رهيا آهيون، ڇا اها سبسڊي هارين تائين پهچي رهي آهي؟

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *