پيٽرول بحران حيران ڪندڙ آهي، حڪومت خاتمي لاءِ قدم کڻي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته حڪومت پيٽرول جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ جلد قدم کڻي ته جئين عوام جون قطارون ختم ٿين  ۽ ملڪ نئين بحران مان نجات حاصل ڪري سگهي، فرانس ۾ گستاخ خاڪا ڇاپڻ جو اعلان مسلمانن جي جذبن سان کيڏڻ جي برابر آهي، گڏيل قومون ۽ عالمي ادارا ان بيان ۽ فيصلو جو نوٽيس وٺن، او آءِ سي کي هنگامي اجلاس سڏائي اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارٽي اڳواڻن مولانا سائين عبدالڪريم هالجوي، مولانا محمد امجد خان، محمد اسلم غوري، صاحبزاده راشد محمود سومرو، انجنيئر عبدالرزاق عابد لاکو اسان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ملڪ مان بحران ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، هن چيو ته پيٽرول جي قيتمن جي لاٿ سان عوام کي رليف جو عمل شروع ٿي ويو آهي پر ان ۾ تيزي جي ضرورت آهي، هن چيو ته پيٽرول جو بحران حيران ڪندڙ آهي، حڪومت بحران جو اصل حقيقتون قوم آڏو آڻي. .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *