پيٽرول اگھه نه وڌائڻ جو مطالبو، حڪومت الله جي آسري پئي هلي: خورشيد شاهه

سکر(بيورو) مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه حڪومت کان پيٽرول اگھه نه وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته ڊيزل به سستو ٿيڻ گھرجي. سکر ۾ ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو ته حڪومت کان پيٽرول جا اگھه نه وڌائڻ جو مطالبو ڪريان ٿو. هن چيو ته ڊيزل اڄ 10 رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ گھربو هو، پر حڪومت ائين نه ڪيو. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته چارسدا واقعي تي وزير اعظم ائين خطاب نه ڪيو هو جيئن لاهور واقعي تي ڳالهايو. هن چيو ته نواز شريف رڳو لاهور جو وزير اعظم نه آهي. خورشيد شاهه چيو ته حڪومت جي ٻيڙي بس الله جي آسري تي هلي رهي آهي. حڪمرانن جي بي وسي ان مان ظاهر ٿئي ٿي ته سخت سيڪيورٽي باوجود مظاهرين ريڊ زون تائين پهچي ويا. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *