پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهيان، خواهش آهي ته چيف جسٽس جلد عدالتي ڪميشن جوڙي: نواز شريف

دوشمبي (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف، تاجڪستان جي صدر افغانستان جي چيف ايگزيڪيوٽو ۽ ڪرغستان جي وزيراعظم ڪاسا 1000 توانائي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن ڪاسا 1000 منصوبي جي افتتاحي تقريب تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشمبي ۾ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم پاڪستان محمد نوازشريف افغانستان جي چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 17

تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف ۽ ڪرغستان جي وزيراعظم سورونبي ڪاسا 1000 منصوبي جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي پاڻي ۽ بجلي جو وفاقي وزير خواجه آصف، وزيراعظم جوخاص معاون طارق فاطمي سميت چئني ملڪن جا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا بريفنگ ڏيندي عملدارن چيو ته 750 ڪلوميٽر ڊگهي ٽرانسميشن لائين افغانستان جي رستي پاڪستان تائين پهچندي ۽ اهو منصوبو سال 2018 تائين مڪمل ٿي ويندو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نوازشريف چيو ته ڪاسا 1000 منصوبو وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن کي پاڻ ۾ ملائيندو ۽ ان سان علائقائي رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا ۽ تجارت کي هٿي ملندي. وزيراعظم چيو ته منصوبي سان روزگار جا وسيع تر موقعا پيدا ٿيندا ڪاسا 1000 سان پاڪستان کي هڪ هزار، افغانستان کي 300 ميگاواٽ بجلي ملندي ۽ اهو منصوبو ٻنهي ملڪن لاءِ انتهائي مفيد ثابت ٿيندو. جنهن لاءِ تاجڪستان کان ٽرانسميشن لائين افغانستان جي ذريعي پاڪستان آندي ويندي. وزيراعظم چيو ته منصوبي سان ڪيترائي اقتصادي سماجي ۽ ماحولياتي فائدا حاصل ٿيندا ۽ ان سان گڏ توانائي جي کوٽ ختم ٿيندي ۽ ڪاروبار ۾ بهتري ايندي. وزيراعظم نوازشريف 6 مئي 2016 کان دوشمبي ۽ لاهور وچ ۾ تاجڪ فضائي ڪمپني سومون جي جهازن جي آغاز جو خيرمقدم ڪيو ان سان نه صرف ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفري سهولت ٿيندي پر اقتصادي لاڳاپا ۽ سياحت ۾ به اضافو ٿيندو. ان موقعي تي مختلف ملڪن جي اعليٰ شخصيتن به خطاب ڪيو. ٻئيط رف وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته منهنجي دلي خواهش آهي ته چيف جسٽس جلد عدالتي ڪميشن جوڙي ۽ ان ڪميشن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهيان، هن چيو ته جيڪي ڳالهه پارليامينٽ ۾ چوڻي آهي اها پارليامينٽ ۽ عدالتي ڪميشن ۾ چوڻ واري آهي، ساڳي ڳالهه عدالتي ڪميشن ۾ ڪندس، هن چيو ته ڌرڻن وارن پهرين ڏينهن کان وزيراعظم تسليم نه ڪيو آهي، اپوزيشن جي ايجنڊا ڪرپشن جو خاتمو نه پر منهنجو پيڇو ڪرڻ آهي، تاجڪستان مان وطن واپسي تي خاص جهاز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاناما ليڪس معاملي تي عدالتي ڪميشن جلد کان جلد ٺهڻ گهرجي ۽ اها ئي سندس دلي خواهش آهي، نيب کان پاناما ليڪس جي معاملي تي جاچ ڪرائڻ واري سوال تي وزيراعظم چيو ته جڏهن اها تجويز آئي ته ان جو جائزو وٺنداسين، في الحال منهنجي خواهش آهي ته چيف جسٽس عدالتي ڪميشن بڻائي، هن چيو ته ميڊيا انصاف ڪري جن ماڻهن جا نالا پاناما ليڪس ۾ آيا آهن انهن بابت ماڻهن کي آگاهه ڪيو وڃي، هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اپوزيشن جي ايجنڊا ڪرپشن جو خاتمو نه پر منهنجو پيڇو ڪرڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *