پوڻا 6 ارب رپيا ڪرپشن ريفرنس: شرجيل ميمڻ جي ضمانت منظور، آزاد ڪرڻ جو حڪم، اڳوڻي وزير پاران خوشي جو اظهار

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي اڳوڻي سڌسماءِ واري کاتي ۾ پوڻا 6 ارب ڪرپشن ريفرنس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ جي ضمانت منظور ڪندي جيل کان ازاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي اڱاري تي عدالت شرجيل انعام ميمڻ جي ضمانت واري درخواست تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي کيس جيل کان آزاد ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي عدالت شرجيل ميمڻ جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ ۽ جوابدار کي 50 لک رپين جي ضمانت جمع ڪرائڻ جو حڪم به ڏنو هو جسٽس ڪريم خان آغا ۽ جسٽس عمر سيال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ فيصلو ٻڌايو ته شرجيل ميمڻ جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته شرجيل ميمڻ 2017 کان جيل ۾ آهي ڪيس جي ميرٽ تي درخواست داخل ڪئي اهي ايتري عرصي ۾ شرجيل ميمڻ جي خلاف 50 شاهدن مان صرف 3 شاهدن بيان قلمبند ڪرايو آهي شرجيل ميمڻ جي وڪيل چيو ته ان جي مئوڪل تي اشتهار مهانگا ڏيڻ جو الزام آهي وفاقي حڪومت جي اشتهارن جي نئين لسٽ موجب اشتهارن جي رقم پهريان به ان کان وڌيڪ آهي نيب پراسيڪيوٽر پنهنجي دليلن ۾ چيو ته شرجيل ميمڻ تي اختيارن جي ناجائز استعمال جو الزام آهي اسان کي شرجيل ميمڻ نه پر سنڌ حڪومت جي خلاف شڪايت موصول ٿي هئي. شرجيل ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خوش اهيان ته 21 مهينن کان پوءِ عدالت ضمانت منظور ڪئي آهي مون کي عدالتن تي مڪمل اعتماد آهي نالو اي سي ايل ۾ شامل آهي مان ڀڄي نه رهيو آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *