پوين سيٽن تي ويهندڙ ماڻهو هيس، پارٽي طاقت وزير اعظم بڻايو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پوين سيٽن تي ويهڻ وارو ماڻهو هيس، پارٽي جي طاقت مون وزير اعظم بڻايو، مون کي فخر آهي ته 30 سال پهرين مسلم ليگ ن کي جوائن ڪيو ۽ اڄ به پارٽي سان گڏ بيٺو آهيان، اها پارٽي جي طاقت ئي هئي جنهن مون کي وزير اعظم بڻايو، آئون نواز شريف کي ٻيهر ن ليگ جو صدر چونڊجڻ تي واڌاريون پيش ڪيان ٿو. ن ليگ جي مرڪزي جنرل ڪونسل اجلاس کي خطاب ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي عدالتن ڦاسي ڏني، جنهن نه عوام قبول ڪيو ۽ نه ئي وري تاريخ قبوليو، اهڙي ريت 28 جولاءِ تي سپريم ڪورٽ اسان جي خلاف فيصلو ٻڌايو ۽ اسان عدالتي حڪمن تي عمل ڪيو پر عوام ان فيصلي کي به قبول نه ڪيو. هن چيو ته آمريت ۽ پيپلز پارٽي جي دورن جو ن ليگ جي دورن سان ڀيٽ ڪيو اسان جا منصوبا 100 سيڪڙو وڌيڪ نڪرندا، هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ 8 مهينا باقي آهن ۽ اسان انهن 8 مهينن ۾ انهن منصوبن کي مڪمل ڪنداسين جيڪي 4 سال پهرين نواز شريف شروع ڪيا هئا، هي اهي منصوبا جن کي گهڻو پهرين مڪمل ڪرڻ گهرجي ها، اُهي نواز شريف 4 سالن ۾ مڪمل ڪيا ۽ انهن منصوبن سان عوام جا مسئلا هل ٿيندا ۽ مون کي يقين آهي ته جيڪو مينڊيٽ عوام نواز شريف ڏنو آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ نواز شريف کي ڏيندو ۽ مون کي اميد آهي ته نواز شريف ۽ سندس پارٽي اڳتي لاءِ به ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *