پوليو ورڪرز کي سيڪيورٽي فراهم ڪندڙ پوليس اهلڪارن تي حملو هڪ بزدلاڻي ڪارروائي آهي: وڏو وزير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پوليو ورڪرز کي سيڪيورٽي فراهم ڪندڙ پوليس اهلڪارن تي حملو هڪ بزدلاڻي ڪارروائي آهي. هن ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي پوليس سنڌ کي دهشتگردن جن ستن پوليس اهلڪارن کي قتل ڪيو انهن خلاف سخت آپريشن ڪري انهن کي ڪيفرڪردار تي پهچائڻ جي هدايت ڪئي. هن اها ڳالهه اڄ اربع ڏينهن اورنگي ٽائون واقعي جنهن ۾ دهشتگردن ستن پوليس اهلڪارن جيڪي پوليو ورڪرز کي سيڪيورٽي فراهم ڪري رهيا هئا کي قتل ڪرڻ واري واقعي جي فورن بعد منعقده هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، آءِ جي پوليس سنڌ اي ڊي خواجه، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر شرڪت ڪئي. آءِ جي پوليس اي ڊي خواجه وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هُو ان واقعي کان پوءِ ترت اتي پهتو ۽ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي مڙهن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪرايو. ڊي جي رينجرز به اتي پهتو. پوليس ۽ رينجرز علائقي جو گهيراءُ ڪري پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ آپريشن جي شروعات ڪئي. هن چيو ته اهو حملو اصل ۾ پوليس اهلڪارن تي ڪيو ويو نه ڪي پوليو ورڪرز تي. هنن پوليس اهلڪارن جي مٿي ۾ گوليو هيون. ڪنهن به پوليو ورڪر تي حملو نه ڪيو جنهن سان اهو ظاهر پيو ٿي ته حملو اصل ۾ پوليس خلاف هيو. ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر به وڏي وزير کي واقعي واري هنڌ جي دوري ۽ پنهنجي جاچ بابت آگاهه ڪيو. وڏي وزير ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث حملو ڪندڙن جي گرفتاريءَ لاءِ پنهنجن سمورن دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻن. هن چيو ته هو حملو ڪندڙن بابت اطلاع ڏيندڙن لاءِ 5 ملين رپين جي انعام جي منظوري ڏئي رهيو آهي. هن مارجي ويل هر هڪ اهلڪارن لاءِ ويهه ويهه لک رپيا ۽ سندن وارثن لاءِ کين قابليت مطابق ٻه ملازمتون ڏيڻ جو به اعلان ڪيو آهي. هن آءِ جي پوليس سنڌ کي هدايت ڪئي ته مارجي ويل پوليس اهلڪارن جون پگهارون سندن رٽائرمينٽ واري مدي تائين جاري رکيون وڃن ۽ انهن کي اڃا به پنهنجي سروس فورس جو حصو سمجهيو وڃي ۽ اهڙي ريت انهن جو پگهارون جاري رکيون وڃن ۽ ان ۾ سالياني واڌ به اهڙي ريت ڪئي وڃي جيئن ٻين ملازمن جي پگهار ۾ ڪئي ويندي آهي ۽ انهن کي اهي سموريون پگهارن وارا فائدا ڏنا وڃن جيڪي حڪومت اعلان ڪندي آهي. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته مارجي ويل پوليس اهلڪارن جي مڙهن کي انهن جي لاڳاپيل آبائي علائقن ڏانهن موڪلڻ لاءِ سمورا جوڳا انتظام ۽ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وڏي وزير چيو ته پوليس اهلڪار جن فرض ڏيندي پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪيو انهن جي قربانين کي فراموش نه ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *