پوليس جي بهترين ڪارڪردگي سبب صوبي ۾ امن قائم ٿيو آهي: قائم علي شاهه

خيرپور(ڊ.ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي حڪومت اچڻ کان اڳ ۾ صوبي اندر رُڳو 3 سرڪاري يونيورسٽيون هيون جڏهن ته اسانجي حڪومت جي اچڻ سان 9 نيون يونيورسٽيون قائم ڪيون ويون آهن، خيرپور ميڊيڪل ڪاليج صوبي جو بهترين ميڊيڪل ڪاليج ثابت ٿيندو جنهن لاءِ فيڪلٽي جي وڌ کان وڌ محنت جي ضرورت آهي. هن اهڙو اظهار خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ڪانفرنس هال ۾ ميڊيڪل ڪاليج جي بريفنگ بابت ڪوٺايل تقريب کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته خيرپور ميڊيڪل ڪاليج کي هڪ نئون ۽ سٺو نالو ڏنو ويندو ۽ هتانجو ڪاليج هن علائقي جي ماڻهن لاءِ بهترين تحفو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت هميشه تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جڏهن ته شهيد محترمه بينظيرڀٽو شهيد ٿيڻ کان اڳ ۾ هڪ پارٽي منشور جاري ڪيو هو جنهن ۾ “تعليم سڀني  جي لاءِ” ۽ “ روزگار سڀني جي لاءِ” انهن ٻنهي نقطن تي عمل ڪندي پيپلزپارٽي حڪومت عوام جي لاءِ بهترين ۽ معياري تعليمي ادارا جوڙيا آهن جڏهن ته روزگار جا موقعا پڻ فراهم ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته صوبي اندر امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ وڌ کان وڌ قدم کنيا ويا آهن ۽ هن وقت صوبي ۾ ڪوبه سنگين ڏوهن جي ڪابه واردات نه ٿي آهي ۽ نه ئي ڀنگ لاءِ ڪنهن ماڻهو کي اغوا ڪيو پيو وڃي، سنڌ پوليس جي بهترين ڪارڪردگي جي نتيجي ۾ صوبي اندر امن قائم ٿيو آهي. وڏي وزير ان موقعي تي خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي نئين ڀرتي ٿيل فيڪلٽي ميمبرن ۽ ٻئي اسٽاف کي جلد ريگيولر ڪرڻ ۽ ٻيا مطالبا مڃڻ جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي وڏي وزير خيرپور ۾ قائم ٿيندڙ جديد سهولتن سان ڀرپور سول اسپتال جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سريش ڪمار کي ڊسمبر 2015ع تائين ترقياتي ڪم مڪمل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. تقريب ۾ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مشور عالم شاهه بريفنگ ڏني ته ڪاليج مان 944 داخلا فارم جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 165 فارم جمع ٿيا آهن، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ شاگردياڻين جي دلچسپي ظاهر ٿي آهي. هن ڪاليج جي ٻي نئين بلڊنگ لاءِ 28 ايڪڙ زمين پڻ منظور ٿي وئي آهي، جڏهن ته موجوده بلڊنگ 1.65 ايڪڙن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ مختلف شعبا ۽ گرلز هاسٽل پڻ شامل آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته خيرپور ميڊيڪل ڪاليج اندر جلد رهيل سينئر پوسٽون ڀريون وينديون، جڏهن ته پرنسپال وڏي وزير کان ڪاليج جي مختلف سائنسي ليبارٽرين جي اوزارن جي فراهمي جي گذارش ڪئي ۽ فيڪلٽي ميمبرن جي رهائش لاءِ سول اسپتال خيرپور ڀرسان رهائشي ڪالوني جي پڻ گذارش ڪئي. ان موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ خطاب ڪندي چيو ته خيرپور ميڊيڪل ڪاليج سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه جو هڪ پراڻو خواب هيو، جيڪو پورو ٿيو آهي ۽ گذريل پنجن سالن ۾ خيرپور اندر جديد تعليمي اداران جو ڄار وڇايو ويو آهي. تقريب کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جا مختلف شعبا، هاسٽل ۽ ڪلاس روم گهمي ڏٺا ۽ لاڳاپيل اختيارين کان بريفنگ ورتي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته خيرپور جا تعليمي ادارا مضبوط ڪيا ويا آهن ۽ اُنهن جون سموريون ضرورتون پوريون ڪندا سون، خيرپور 1955 جيان تعليمي ميدان ۾ سڀني کان اڳتي نڪري ويندو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظيرڀٽو جي نظرين تي عمل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ايڊوانس ڪارڪردگي ڏيکاري تعليمي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائيندي. وڏي وزير چيو ته خيرپور وارن لاءِ خوشي جهڙي ڳالهه آهي جو هتي ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ زرعي ڪاليجن سميت ڪيڊٽ ڪاليج، آءِ ٽي ۽ آءِ بي اي سميت ٻيا وڏا تعليمي ادارا قائم ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي وڏي وزير سان سندس پوليٽيڪل سيڪريٽري لعل بخش منگي، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺاڻي، پرسنل سيڪريٽري مظهر خان ، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر صدرالدين صديقي، ايم ايس ڊاڪٽر غلام جعفر سومرو ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *