پولنگ اسٽيشن اندر فوج جي مقرري ووٽرکي حراسا ڪرڻ برابر قرار، سنڌ سرڪار مطالبو رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي  تعليم واري سينيئر  وزير نثار کهڙي چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن دوران  پولنگ اندر فوج ۽ رينجرز مقرر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، لڳي ٿو ته ذوالفقار  مرزا خانگي فورس ٺاهيو آهي ۽ جيڪو  به فورس ٺاهيندو ان خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي. ڪراچي جي ماڙيپور واري علائقي ۾ اي اين ايف اسپتال جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته آر او مقرر ڪرڻ ۽ پولنگس کي نارمل ، حساس ۽ انتهائي حساس قرار ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نثار کهڙي چيو ته پولنگ اسٽيشن اندر  ڊيوٽي فوج يا رينجرز جي نه پر پوليس جي هوندي آهي. نثار کهڙي چيو ته حساس پولنگس بابت اليڪشن ڪميشن کي آگاهي ڏيڻ ضلعي انتظاميه جي ذميواري آهي. تعليم واري وزير چيو ته پرزائيڊنگ آفيسر ۽ اينجٽ کانسواءِ ڪنهن کي به پولنگ اندر وڃڻ جي اجازت نه هئڻ گهرجي. نثار کهڙي چيو ته  لڳي ٿو ته  ذوالفقار مرزا خانگي فورس جوڙيو آهي ۽ جيڪو به فورس جوڙيندو ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.صوبائي وزير چيو ته  وفاق ذوالفقار مرزا کي پروٽوڪول ڏنو آهي ته ذميوار به اها هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *