پوري ملڪ ۾ 0 2  ڏوهارين کي ڦاهي ڏني وئي: رپورٽ

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف جي هدايت تي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان سرڪاري طور تي پهريون ڀيرو انگ اکر جاري. جمعي ڏينهن قومي پلان تي عملدرآمد بابت جاري سرڪاري انگ اکرن موجب هيستائين پوري ملڪ جي جيلن ۾ سنگين ڏوهارين ۾ موت جي سزا ماڻيندڙ 0 2  ڏوهارين کي ڦاهي ڏني وئي. رپورٽ موجب پنجاب نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان ٻين صوبن کان اڳتي آهي، پنجاب ۾ هيستائين 4 1 ، سنڌ ۾ 5  ۽ خيبر پختونخوا ۾ هڪ ڏوهي کي ڦاهي ڏني وئي. سرڪاري انگ اکرن موجب قومي لائحه عمل جي اعلان بعد پنجاب ۾ 7 8 4 5 ، سنڌ ۾ 2 2 3  جڏهن ته خيبر پختونخوا ۾ 3 2 2 1  سرچ آپريشن ڪيا ويا، وفاقي گادي واري هنڌ حڪومت اسلام آباد ۾ 5 7 2  ۽ بلوچستان ۾ 2 1  سرچ آپريشن ڪيا ويا. رپورٽ موجب پنجاب ۾ 1 9 5 3 3  ڄڻن جي مختلف چيڪ پوسٽن تي تلاشي ورتي وئي. ڪي پي ڪي ۾ 7 8 8 2 ، بلوچستان ۾ 0 2 ، اسلام آباد ۾ 4 8 4  ڄڻن جي تلاشي ورتي وئي، پنجاب ۾ 8 5 9 ، سنڌ ۾ 4 4 2 ، ڪي پي ڪي ۾ 4 3 2 ، اسلام آباد ۾ 5 3 2  ۽ بلوچستان مان 8 8 1  ڄڻن جي گرفتاري عمل ۾ آندي وئي. سرڪاري انگ اکرن موجب نفرت انگيز تقريرون ڪندڙ پنجاب ۾ 6 3 4 ، خيبر پختونخوا ۾ 7 1  ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي، پنجاب ۾ نفرت انگيز تقريرن تي 9 2 3  ۽ ڪي پي ڪي ۾ 0 1  ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. لائوڊ اسپيڪر جي بي جا استعمال تي پنجاب ۾ 7 3 8 2  ڪيس داخل ڪندي 1 7 4 1  ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، اسلام آباد ۾ لائوڊ اسپيڪر جي بي جا استعمال تي 4 1  ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، نفرت انگيز مواد تي پنجاب ۾ 1 4  دڪانن کي بند ڪيو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *