پوري ملڪ ۾ مسيحي برادري سادگي سان ڪرسمس ملهائي، پشاور سانحي جي شهيدن لاءِ دعائون گهريون ويون

اسلام آباد(بيورو) پوري دنيا وانگر پاڪستان ۾ 25 ڊسمبر تي مسيحي برادري ڪرسمس جو ڏهاڙو مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو، جڏهن ته پاڪستان ۾ مسيحي برادري پشاور سانحي سبب ڪرسمس جو ڏهاڙو انتهائي سادگي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو، ڪرسمس جي موقعي تي پوري ملڪ ۾ عيسائي برادري چرچن ۾ وڃي عبادت  ڪئي ۽ پاڪستان جي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون، ان موقعي تي پشاور سانحي جي شهيدن لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون ڪرسمس جي موقعي تي حڪومت گرجا گهرن جي سيڪيورٽي لاءِ اضافي نفري مقرر ڪئي ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادري طرفان هڪ ٻيئ کي تحفا ۽ ڪيڪ ڏنا پيا وڃن جڏهن ته ٻارڙا به سانٽاڪلاز کان تحفا وصول ڪيا هوڏانهن وزيراعظم نواز شريف پوري دنيا جي مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ڪرسمس پوري دنيا ۾ پائيپي، دوستي ۽ مڪمل سچائي کي هٿي ڏيڻ لاءِ قابل احترام علامت بڻجي چڪو آهي وفاقي حڪومت سمورن اقليتي شهرين کي پاڪستان جو برابر شهري سمجهي ٿي اڳوڻي صدر آصف زرداري پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته هن سال ڪرسمس جو خوشيون پشاور سانحي سبب رڪجي ويون آهن، ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين به مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *