پوري ملڪ ۾ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 88هين سالگرهه ملهائي وئي

ڪراچي/لاڙڪاڻو(بيورو/ اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ بلاول هائوس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 88 هين سالگرو جو ڪيڪ ڪاٽيو، پوري ملڪ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 88 هين سالگره ملهائي پئي وڃي، بلاول هائوس ۾ ٿيل انهي تقريب ۾ نائب صدر پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز سينيٽر شيري رحمان، سينٽرل يگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي ميمبر ۽ چيئرمين جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو، وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊيو، چيئرمين جو اقليتي معاملن بابت صلاحڪارسريندر ولاسائي، پيپلزپارٽي اقليتي ونگ سنڌ جي صدر ايم پي اي لالچند اڪراڻي، وڏي وزير جي اسپيشل اسسٽنٽ راشد رباني، وقار مهدي، سينئر اڳواڻ لال بخش ڀٽو، سنڌ پيپلز يوٿ جي جنرل سيڪريٽري نادر حسين خواجه ، فدا حسين ڍڪڻ ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان رلي ملي ويو۽ کين مبارڪباد ڏني، وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته اڄ اسان هتي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سلام پيش ڪرڻ آيا آهيون جنهن عوام جي حقن خاطر پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي، ڀٽو صاحب جي قيادت، جدوجهد، قرباني، جذبي ۽ خدمت سان مالامال هئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو ۾ فخر ايشيا قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو 88هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب خان کي ڇڏي ميدان ۾ آيو جنهن غريبن، هارين، نوجوانن لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاهي، پاڪستان کي آئين ڏنو ۽ پ پ پ جو پڻ آئين بڻايو جنهن تي پارٽي اڳواڻ، ورڪر ۽ جيالا عمل پيراآهن. پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شريڪ چيئرمين پ پ پ آصف علي زرداري پڻ ان آئين تي عمل ڪري رهيا آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو غريب عوام جي لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي اها صدين تائين ياد رهندي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سلامتي ڪائونسل ۾ خطاب ڪندي چيو ته اسان کي توهان جي ٺهرائن جي ڪا به ضرورت نه آهي اسين ڪشمير جي آزادي لاءِ هڪ هزار سال تائين لڙي سگهون ٿا. ان بعد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انڊيا ويو جتي هن انڊيا جي حڪمرانن سان ڳالهيون ڪري 90 هزار فوجي قيدي آزاد ڪرايا ۽ 08 هزار مربا زمين واپس ڪرائي، هي اها زمين آهي جتان اسان کي کربين روپين جو ڪوئلو(ڪارو سون) ملي رهيو آهي. ڀٽو صاحب عوام جي خدمت ۾ يقين رکندو هو . هو پنهنجي پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي چوندو هو ته ويهڻ جو وقت نه آهي ۽ اوهان هميشه عوام جي خدمت لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زميني سڌارا آندا جنهن تحت پنهنجي 03 هزار ايڪڙ زمين غريب هارين ۾ تقسيم ڪئي ۽ ان کانپوءِ پوري ملڪ اندر لکين ايڪڙ زمين غريب هارين ۾ تقسيم ڪئي. ان کان اڳ وزير اعليٰ سنڌ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 88 سالگرهه واري موقعي تي 88 پائونڊن وارو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون.ان موقعي تي سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير تعليم نثار احمد کهڙو چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي حوصلو ڏنو، شعور ڏنو ۽ حق ڏئي عوام کي طاقت جو سرچشمو بڻايو، 1970ع ۾ هن هڪ ماڻهو جو هڪ ووٽ تسليم ڪرايو ۽ پنهنجي دور حڪومت ۾ نيو ڪليئر ڏنو، وڏيون وڏيون شاهراهون تعمير ڪرايون، مزدورن ۽ هارين کي پنهنجا حق ڏنا ۽ پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ ملڪ کي هڪ متفقه آئين ڏنو، دنيا ۾ ڀٽو صاحب جي جدوجهد تي ڪتاب لکيا ويا. جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي وئي ۽ ڪارا قانون نافظ ڪيا ويا ته ان موقعي تي ڀٽو صاحب چيو منهنجي لاءِ وقت جي آمر کان ڪوئي به معافي نه وٺي ڇو ته مان عوام جي دلين ۾ هزارين سالن تائين جيئرو رهڻ چاهيان ٿو. ڀٽو صاحب کانپوءِ سندس منشور کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پارٽي ورڪرن ڦاهيون کاڌيو، ڪوڙا کاڌا، جانين جا نظرانه ڏنا پر آمر جي آڏو نه جهڪيا. اسان جا ورڪر ۽ جيالا پنهنجي قائدين جي قربانين تي فخر محسوس ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن جمهوريت تي راتائون هنيو ويو ته پ پ پ جا اڳواڻ، ڪارڪن، جيالا ان جو مقابلو ڪندا. ان موقعي تي وزير داخلا سنڌ سهيل انور سيال ڳالهائيندي چيو ته شهيد ڀٽو پاڪستان کي متفقه آئين ڏنو ۽ پاڪستان کي ايٽمي ملڪ بڻائي نا قابل شڪست بڻايو، اسين شهيدن جي پارٽي جا پوئلڳ آهيون، اسان جا شهيد قائدين پاڪستان جي عوام لاءِ مشعل راهه هئا. ايم پي اي محمد علي ڀٽو چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو احسان آهي جنهن پ پ پ ٺاهي، جنهن هن ملڪ جي غريبن، مزدورن ۽ هارين کي پارٽي جي جهنڊي هيٺان گڏ ڪري متحد ڪيو. شهيد ڀٽو غريب عوام سان پيار ڪندڙ انسان هو جنهن جي لاءِ اڄ به عوام روئي رهيو آهي. ان موقعي تي لاڙڪاڻي ضلعي جي سينيئر نائب صدر خير محمد شيخ چيو ته آءُ سڀني آيل مهمانن کي هن سالگرهه جي تقريب ۾ اچڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، شهيد ڀٽو هڪ همت وارو، بردبار ۽ هڏڏوکي انسان هو جنهن عوام کي حق کسي وٺڻ جو شعور ڏنو. سالگرهه تقريب ۾ اسڪولي شاگردن طرفان ٽيبلو پڻ پيش ڪيو ويو. جڏهن ته وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه، سينيئر صوبائي وزير سنڌ تعليم نثار احمد کهڙو، وزير داخلا سنڌ سهيل انور سيال ۽ ايم پي اي محمد علي ڀٽو کي هن سالگرهه جي تقريب دوران سنڌ جون روايتي سوکڙيون اجرڪ پڻ اوڍايا ويا. ان موقعي تي فنڪار سليم رضا ڪنڀر شهيد ڀٽو تي ٺاهيل ڪلام پيش ڪيو ۽ خوب داد حاصل ڪيو. ان موقعي تي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن غلام اڪبر لغاري، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سائين رکيوميراڻي، ڊپٽي ڪمشنر جاويد علي جاگيراڻي، ايس ايس پي ڪامران نواز، پ پ پ اڳواڻ عبدالفتاح ڀٽو، اعجاز لغاري، محمد اسلم شيخ، برڪت شيخ، سليم سومرو، ڪامران اوڍاڻو، سپاف جا ڪارڪن، يوٿ ونگ جا ڪارڪن، پارٽي ورڪر ۽ معزز شهري وڏي انگ ۾ موجود هئا. ان بعد وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو، مرحومه بيگم نصرت ڀٽو ۽ مرحومه امير بيگم جي مزارن تي حاضري ڀري فاتح پڙهي ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير اعليٰ چيو ته اڄ اسان شهيد ذوالفقار عل ڀٽو کي سلام پيش ڪرڻ آيا آهيون، ان جي ڪيل خدمتن کي عوام ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي خوشحالي لاءِ تمام وڏا ڪم ڪيا ۽ ان جون بي مثال قربانيون آهن جنهن جو مثال ئي نه ٿو ملي. ان موقعي تي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم سياسي اشو آهي جنهن کي 3 صوبا اڳ ئي رد ڪري چڪا آهن. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت سان پاڻي، گئس ريئلٽي ۽ اين ايف سي تحت پئسن جو اشو آهي جيڪو اسان ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (سي سي آءِ) ۾ کنيو آهي جنهن کي ڪڏهن تسليم ڪيو پيو وڃي ته ڪڏهن وري ملتوي ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته 8،9 مهينن ۾ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (سي سي آءِ) جي گڏجاڻي نه ٿي آهي جنهن لاءِ اسان وفاق کي خط لکي ڇڏيو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شڪارپور سانحي جا جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن جنهن جو ڪريڊٽ سنڌ پوليس ڏانهن وڃي ٿو،انهي سان گڏوگڏ جيڪب آباد سانحي جا جوابدار پڻ گرفتار ڪيا ويا آهن جنهن جو ڪيس فوجي عدالت ڏانهن موڪليو ويندو. هن چيو ته رينجرس کي ڪراچي لاءِ مينڊيٽ مليل آهي پر ضرورت پوڻ تي سنڌ ۾ ان کي ڪٿي به موڪلي سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته وفاق سان ڪو به تنازعو نه آهي سنڌ ۾ اڍائي سالن کان آپريشن هلي رهيو آهي جنهن ۾ وزير اعظم پاڪستان ميان محمد نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جون ڪاوشون شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردن کي هر صورت ۾ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. هن چيو ته هاڻي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال 80 سيڪڙو بهتر آهي.  ان بعد وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه، پيپلز ڊاڪٽرس فورم طرفان لڳايل مفت اکين جي ڪيمپ جو افتتاح ڪيو. ياد رهي ته هن مفت اکين جي ڪيمپ ۾ 114 مريضن جا آپريشن ڪيا ويا، جڏهن ته 1100 کان وڌيڪ مريضن کي او پي ڊي ۾ ٽريٽ ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *