پوري قوم جي حمايت سان ملڪ ۾ امن آڻينداسين: آرمي چيف

راولپنڊي (م.ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل راحيل شريف پي ايم اي ڪاڪول جو دورو ڪيو ۽ ڪيڊٽس جي تربيت جو عمل به ڏٺو، آرمي چيف آپريشن دوران آفيسرن جي قائداڻي صلاحيتن کي ساراهيو ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته نوجوان آفيسر پنهنجي اندر عزم، حوصلي ۽ اهليت جون خوبيون پيدا ڪن، پاڪ فوج جي سربراهه ان عزم جو اظهار ڪيو ته جنگ جي محاذ تي قيادت ڪرڻ جي روايت جي نتيجي ۾ دهشتگردي ختم ڪنداسين ۽ قوم جي تعاون سان ملڪ ۾ امن آڻينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *