پوري دنيا ڀارتي ڏاڍ ۽ طاقت جي ظالماڻي استعمال خلاف هڪ زبان آهي: فردوس عاشق اعواڻ ،

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سڄي دنيا ڀارتي ڏاڍ ۽ طاقت جي ظالماڻي استعام خلاف هڪ زبان آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جنيوا ۾ والاريل ڪشمير جي ڳڻتي جوڳي صورتحال تي 50 کان وڌيڪ ملڪن جي گڏيل پڌرائي ڀارت لاءِ آئينو آهي جنهن ۾ هو انسانيت خلاف پنهنجا ڏوهه ڏسي سگھي ٿو. عالمي برادري جو ڪشمير جي مظلومن سان گڏ بيهڻ ۽ ڀارت کان بنيادي انساني حقن جي پاسداري جو مطالبو مظلومن لاءِ حوصلي جو سبب آهي.هن چيو ته اها پڌرائي وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ عالمي ضمير جاڳائڻ جي اسان جي لاڳيتو سفارتي ڪوششن جي ڪاميابي ۽ ڪشمير ڪاز سان بختي واسطي جو ثبوت آهي. پوري دنيا ڀارتي ڏاڍ ۽ طاقت جي ظالماڻي استعمال خلاف هڪ زبان آهي جڏهن ته ڀارتي غرور ۽ تڪبر خاڪ ۾ ملي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *