پوجا بيدي جي بيان سان تمام گهڻو مايوس ٿيو آهيان: ڪبير بيدي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ڪبير بيدي چيو آهي ته هو پنهنجي ڌيءَ پوجا بيدي جو نئين زال جي خلاف ڏنل بيان تي تمام گهڻو مايوس ٿيو آهي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق ڪبير بيدي ڪجهه ڏينهن اڳ پروين دسنج سان شادي ڪئي هئي جنهن تي سندس ڌيءَ زال خلاف تبصرو ڪيو هو. ڪبير بيدي ٽوئٽر تي چيو آهي ته شادي کان پوءِ سندس ڌيءَ پاران هن جي زال خلاف تبصري تي تمام گهڻو مايوسي ٿي آهي. ان جي خراب رويي کي معاف نه ڪندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *