پهريون دفعو پرفارمنس کان پوءِ ڇوڪرين جون فون ڪالز اچڻ تي موبائيل فون بند ڪري ڇڏي : امام الحق

شارجه (اسپورٽس نيوز)ڊيبيو تي سينچري ٺاهڻ واري قومي ٽيم جي اوپننگ  بلي باز امام الحق چيو آهي ته  پهريون دفعو پرفارمنس کان پوءِ ڇوڪرين جون تمام گھڻيون فون ڪالز اچڻ شروع ٿي ويون جنهن تي  تنگ اچي مان موبائيل فون بند ڪري ڇڏي. امام الحق پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته جڏهن قومي ٽيم ۾ سليڪشن جي لاءِ نالوآيو ان وقت گاڏي ڊرائيو ڪري رهيو هئس ۽ ڀاءُ اها خوش خبري ٻڌائي جنهن کان پوءِ بار بار الله تعاليٰ  جو شڪر ادا ڪندو رهيس. هن چيو ته سينچري کانپوءِ ٽي يا چار سئو ڇوڪرين جون فون ڪالز آيون ۽ فيس بڪ مختلف فينز  جا ميسج ايندا  رهيا ٽي ڏينهن پريشان رهڻ کانپوءِ موبايئل  فون بند ڪري ڇڏيو. هن چيو ته مان ڪڏهن سوچيو به نه هيو ته ڊيبيو  تي سينچري ٺاهي سگھندس.  هن چيو ته پاڪستاني ٽيم نوجوانن رانديگرن تي ٻڌل  آهي  هن چيو ته منهنجو آئيڊيل شعيب ملڪ آهي  ۽ مان يونس خان کان هارڊ ورڪنگ سکي، هڪ سوال جي امام الحق چيو ته   قومي ٽيم ۾ سليڪشن   پرفارمنس جي بنياد تي ٿي ۽ انڊر 19 ۽  ٽرافي جي ميچن ۾ پرفارمنس ڏئي قومي ٽيم ۾ شامل ٿيس. امام الحق چيو ته چاچا انضمام الحق ۽ ان جو ڪوبه جوڙ ناهي هن کي پنهنجي الڳ سڃاڻ ٺاهڻي آهي.  امام الحق  خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته خواهش آهي ته پاڪستان کي ورلڊ ڪپ کٽرايان ۽ ڪنهن به فارميٽ  ۾ پاڪستان کي  ورلڊ ڪپ جو فاتح بڻائن چاهيون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *