پهرين فيبروري کان ريلوي هيڊ ڪوارٽر لاهور کان ڪراچي منتقل ڪرڻ جو اعلان، ڪرپشن کي معاف نه ڪندس: شيخ رشيد

ڪراچي (اين اين آءِ) ريلوي وزير شيخ رشيد احمد پهرين فيبروري کان ريلوي جو هيڊڪوارٽر ڪراچي منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته زرداري صاحب ساهورين ويندو مان پاڻ بيمار آهيان ۽ اوهان کي چورن، ڌاڙيلن ۽ لٽيرن جي لڳي آهي ڪراچي جي ترقي لاءِ جيڪو ڪي سي آر جو رستو روڪيندو ان کي لتاڙي هليا وينداسين ڪي سي آر جي ڪميٽي جو اعلان ڪري رهيو آهيان جنهن کي هيڊ مان ۽ سپروائيز وزيراعظم ڪندا پهرين کان 28 فيبروري تائين گنيز ورلڊ رڪارڊ جو رڪارڊ ٽوڙيندس ان دوران ٽرين ۾ ئي رهندس اتي سمهندس هلندڙ سال 20 نيون مال گاڏيون هلايون وينديون مسافر گاڏين کي ڇڏيو ان ۾ ڪوئي ڪمال نه آهي جيڪڏهن اڄ ٽرينون مهيا هجن ته اسان رستن جي سموري رش ٽريڪ تي آڻينداسين. اسان نوجوانن کي ترغيب ڏيون ته گدلاڻ ختم ڪري سگهجي ٿي ملڪ ۾ گاڏين سان پيدا ٿيندڙ گدلاڻ کي ريلوي ئي ختم ڪري سگهي ٿي اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي ڪينٽ اسٽيشن تي ٻي شيڊولڊ ٽريٽ ٽرين سروس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالاهئيندي ڪيو، ميرين گروپ جي ٻي فريٽ ٽرين 75 ڪنٽينرز تي ٻڌل ڪارگو کڻي لاهور لاءِ رواني ٿي ريلوي جي وزير چيو ته پاڪستان ريلوي ميزائل بڻائي سگهي ٿو روڊ رستا ٺاهڻ آسان آهي ٽريڪ ۽ انجڻ ٺاهڻ ڏکيو ڪم آهي اسان جون فيڪٽريون انجڻ بڻائي سگهن ٿيون پر اڄ هڪ هڪ پرزو ٻاهران گهرائڻو پوي ٿو شيخ رشيد چيو ته صدر کي درخواست ڪندس ته مدثر نالي ٻار کي خدمت واري تمغي سان نوازي، مدثر ريلوي کي فري ٽيڪر ڏنو آهي 10 فيبروري کان ڪم ڪنداسين چاهيان ٿو ته ريلوي جو ملازم جتان لنگهي ڪنڌ کڻي لنگهي سڄي دنيا جون نظريون پاڪستان ريلوي ۾ آهن پاڪستان ريلوي ۾ بي حساب صلاحيتون آهن عمران خان جي قيادت ۾ اسان وٽ تبديلي جي مڪمل صلاحيت موجود آهي الله کيس بدنظر کان بچائي ريلوي ترقي ڪري رهي آهي  اسان لاهور ۾ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم بڻائينداسين هر ماڻهو جي ريلوي تي نظر آهي اداري جي بهترين ڪارڪردگي هوندي، گهر ويهي ٽرين جي جڳهه ڏسي سگهبي هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ ٽرينن کي عوام جي امنگن مطابق هلائينداسين وزير جي نوڪري عارصي نوڪري هوندي آهي جڏهن ته ڪرپشن معاف نه ڪنداس ۽ پاڪستان ريلوي ۾ ڪرپشن لاءِ زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي آهي هن چيو ته دبئي جا ٻه سيڙپڪار پاڪستان ريلوي ۾ سيڙپ لاءِ دلچسپي رکن ٿا پبلڪ پرائيوٽ پاٽنرسپ تحت وڌيڪ 2 ٽرينون هلايون وينديون شيخ رشيد چيو ته ايم ايل ون بابت سومر تي وزيراعظم جي سربراهي ۾ اجلاس آهي ايم ايل ون تي ٽريننگ جي رفتار 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هوندي اسان چئن مهينن ۾ 10 لک ليٽر آئل بچايو آهي شيخ رشيد نوازشريف جي صحت بابت ڳالهائيندي چيو ته منهنجي پنهنجي صحت خراب آهي اوهان کي نوازشريف جي صحت جي ڳڻتي آهي هڪ مهيني کان طبيعت خراب آهي پوءِ به ڪراچي آيو آهيان شيخ رشيد چيو ته اسان 20 فريٽ ٽرينون هلائينداسين 30 مارچ تي وي وي آءِ پي مسافر ٽرين هلائينداسين ڪراچي کان پشاور تائين ٽريڪ تبديل ٿيندو 10 مارچ کان اڳ هڪ ٻي مال ڊوهيندڙ ٽرين هلائينداسين پهرين کان 28 فيبروري تائين ٽرين ۾ ئي رهندس مان پنهنجي آفيس فريٽ لاءِ راولپنڊي کان ڪراچي منتقل ڪري رهيو آهيان هاڻي جي ايم يا چيئرمين ريلوي جي آفيس به هتي هوندي جڏهن ته پهرين فيبروري کان ريلوي جو هيڊڪوارٽر ڪراچي منتقل ڪري رهيو آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *