پهرين جولاءِ کان گئس جي اگهن ۾ 190 سيڪڙو تائين اضافي جو امڪان، سمري تيار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) گهريلو صارفين لاءِ پهرين جولاءِ کان گئس جي اگهن ۾ 190 سيڪڙو اضافي جو امڪان آهي. پئٽروليم ڊويزن گئس جي اگهن ۾ اضافي جي سمري تيار ڪري ڇڏي آهي جنهن تحت ايندڙ مهيني کان گئس مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب هر مهيني 50 مڪعب ميٽر گئس استعمال تي في يونٽ اگهه 63 رپيه کان 52 سيڪڙو تائين اضافي جي تجويز ڏني وئي آهي،  جڏهن ته هر مهيني 100 مڪعب ميٽر استعمال تي في يونٽ گئس 242 رپين مان 190 ڏهائي 55 سيڪڙو مهانگي ڪرڻ جي تجويز آهي.  ذريعن موجب هر مهيني 200 مڪعب ميٽر گئس جي استعمال تي في يونٽ 289 رپين مان 109 ڏهائي 46 سيڪڙو جڏهن ته هر مهيني 300 مڪعب ميٽر گئس استعمال تي في يونٽ 463 رپين مان 168 ڏهائي 26 سيڪڙو مهانگي ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب هر مهيني 400 مڪعب ميٽر گئس استعمال تي في يونٽ گئس 327 رپين مان 41 ڏهائي 92 سيڪڙو ۽ هر مهيني 400 مڪعب ميٽر کان وڌيڪ گئس جي استعمال تي في يونٽ 16 رپين مان هڪ سيڪڙو مهانگي ڪرڻ جي تجويز آهي. ذريعن موجب هر مهيني 50 مڪعب تائين گئس جي استعمال تي بل 137 رپيه، 100 مڪعب ميٽر تائين گئس جي استعمال تي بل 647 رپيه، 200 مڪعب ميٽر تائين گئس استعمال تي بل 1704 رپيه وڌڻ جو امڪان آهي.  هر مهيني 300 مڪعب گئس جي استعمال تي بل 4406 رپيه ۽ 400 مڪعب ميٽر گئس جي استعمال تي بل 855 رپيه وڌڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. ذريعن موجب هر مهيني 400 مڪعب ميٽر کان وڌيڪ گئس جي استعمال تي بل 6039 رپين ڪرڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي جنهن جو سبب ڪجهه ايڊجسٽمينٽس آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *