پنو عاقل: پوليس مقابلو، 4 ڏوهاري مارجي ويا

پنو عاقل(رپورٽر) پنوعاقل ويجهو مسافر ڪوچ مان ڦر ڪندڙ 4 ڏوهاري پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا. دادلوءِ ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراهه تي ڏوهارين ۽ پوليس ۾ مقابلو ٿيو جنهن ۾ 4 نامعلوم ڏوهاري مارجي ويا جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي پنوعاقل لياقت عباسي ٻڌايو ته دادلوءِ لڳ قومي شاهراهه تي نامعلوم ڏوهاري ڦر جي ارادي سان ٻيٺل هئا جيڪي پوليس موبائيل کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 اڻڄاتل ڏوهاري مارجي ويا جن جي سڃاڻپ اڃا تائين ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته مارجي ويل ڏوهارين جي قبضي مان 2 ڪلاشنڪوف ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن. ٻي طرف عام رائي مطابق پوليس ٻي حد جي پوليس جي وانگار وهندي جڙتو مقابلا ڪري ڏوهاري ڄاڻائي ماريا ويندا آهن اهڙن جڙتو مقابلن جي جاچ ٿيڻ گهرجي….

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *