پنهنجي ڀيڻ ۽ مافياز کي اين آر او ڏيندڙ عمران خان مشرف جي ايمنسٽي اسڪيم جو فائدو ورتو:بلاول

لاهور (م.ڊ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي سرڪار ۽ وزيراعظم عمران خان کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته عمران خان صرف فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر تي وزيراعظم آهي، سنڌ /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 38

حڪومت دهشتگردي خلاف آهي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ پوليس اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ناڪام بڻايو، پورو پاڪستان سنڌ پوليس تي فخر ڪري ٿو، عمران خان ڪوڙو ۽ منافق وزيراعظم آهي، هو سڀ کان وڌيڪ منافق وزيراعظم رهيو آهي، ڪورونا ڪيسز گهٽ هئڻ جي دعويٰ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، بلاول ڀٽو جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسز تيزي سان وڌي رهيا آهن، وفاق پهرين ڏينهن کان ڪورونا کي سنجيدگي سان نه ورتو، حڪومت هر شعبي ۾ مسئلا ۽ بحران پيدا ڪري رهي آهي، پئٽرول بم ڪيرائي عوام جي کيسن تي ڌاڙو هنيو ويو، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته وزيراعظم کي اسان جي سامهون تقرير ڪرڻ جي جرئت ناهي، وزيراعظم ايترو بهادر آهي جو اسان جي غيرموجودگي ۾ تقرير ڪري ٿو، وزيراعظم کي چئلينج ڪيو هو ته اچي مناظرو ڪري، پيپلزپارٽي چيئرمين وڌيڪ چيو ته بجيٽ ۾ غريبن لاءِ تڪليف ۽ اميرن لاءِ رليف آهي، وزيراعظم، عالمي دهشتگرد اساما بن لادن کي شهيد ڪوٺيو، اساما شهيد آهي ته پوءِ وزيراعظم پنهنجي پاليسي واضح ڪري، اساما شهيد آهي ته ضرب عضب، سوات آپريشن ڇا هئا، هي پهريون وزيراعظم آهي، جنهن مودي جي اليڪشن مهم هلائي، عمران خان فيس بڪ ۽ ٽويٽر تي وزيراعظم آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جو نظريو ملڪ کي ون يونٽ ۾ واپس آڻڻ آهي، اسان ڪو به اين آر او نه ٿا چاهيون، عمران خان پنهنجي ڀيڻ ۽ مافياز کي اين آر او ڏئي ڇڏيو آهي، عمران خان مشرف جي ايمنسٽي اسڪيم جو فائدو ورتو، عمران ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو منافق وزيراعظم رهيو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت آصف زرداري کي قتل ڪرڻ چاهي ٿي، عوام کي خبر آهي ته آصف زرداري جي طبيعت ٺيڪ ناهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *