پنهنجي محنت ۽ صلاحيتن سان نت نوان ڪردار ڪرڻ چاهيان ٿي: انوشڪا شرما

ممبئي(شوبز نيوز)  انوشڪا شرما چيو آهي ته پنهنجي محنت ۽ صلاحيتن سان نت نوان ڪردار ڪرڻ چاهيان ٿي،  بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا ۽ پروڊيوسر انوشڪا شرما پهرين مئي تي پنهنجي 28 هين سالگرهه ملهائي. پهرين مئي 1988ع تي ڀارتي رياسٽ اتر پرديش جي شهر ايوڌيا ۾ جنم وٺندڙ انوشڪا شرما پنهنجي شوبز جو آغاز ماڊلنگ سان ڪيو، جڏهن ته 2008ع ۾ هن بالي ووڊ فلم نگري ۾ اديته چوپڙا جي فلم ”رب ني بنا دي جوڙي“ سان قدم رکيو، جنهن ۾ هن بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان سان گڏ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو. فلم ”رب ني بنا دي جوڙي“ کانپوءِ انوشڪا يش راج بينر جي ٻي فلم ”بدماش ڪمپني“ ۾ ڪم ڪيو ۽ اهي ٻئي فلمون باڪس آفس تي ڪا سٺي ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو، جڏهن ته فلم جي شوقينن طرفان انوشڪا جي اداڪاري کي سٺن لفظن سان ساراهيو ويو. فلمي دنيا ۾ انوشڪا جي پهرين ڪامياب فلم”بينڊ باجا بارات“ ثابت ٿي، جنهن ۾ هن سان گڏ نئون هيرو رنوير سنگهه پنهنجا جوهر ڏيکاريا، جنهن کانپوءِ هنن ”پٽيالا هائوس، ليڊيز ورسز رڪي بهل، جب تڪ هي جان، پي ڪي، دل ڌڙڪني دو، اين ايڇ 10 ۽ مترو ڪي بجلي ڪا منڊالا“ جهڙيون مختلف موضوعن تي ٺهيل فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ ڪيترائي ايوارڊ پڻ پنهنجي نالي ڪيا. انوشڪا شرما هلندڙ سال رليز ٿيندڙ فلم سلطان ۾ سلمان خان جي هيروئن طور پنهنجا جوهر ڏيکاريندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *