پنهنجي جگر جي صرف 25 سيڪڙو حصي تي زنده آهيان: اميتاڀ بچن

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ميگا اسٽار اميتاڀ بچن چيو آهي ته هو اڄ پنهنجي جگر جي صرف 25 سيڪڙو حصي تي زنده آهي ۽ هيپاٽائيٽس بي جهڙي وائرس جي بيماري سبب جگر جو 75 سيڪڙو حصو وڃائي چڪو آهي ڀارتياخبار مطابق هيپاٽائيٽس جهڙي بيماري جي حوالي سان هڪ مهم دوران اميتاڀ بچن پنهنجي بيماري جو انڪشاف ڪيو اميتاڀ بچن جو چوڻ هو ته مون کي اتفاقي طور تي هيپاٽائيٽس بي ٿي فلم قلعي جي سيٽ تي مونسان حادثو پيش اچڻ کان پوءِ مون کي 200 ماڻهن خون ڏنو ۽ منهنجي جسم ۾ رت جون 60 بوتلون چاڙهيون ويون ان دوران مون کي رت ڏيندڙ هڪ شخص کي هيپاٽائيٽس بي هئي جنهن سبب اها بيماري مون ۾ منتقل ٿي ويئي ان حادثي کي تقريبن 18 سال بعد ڊاڪٽرن کان پنهنجي عام چيڪب دوران مون تي اهو انڪشاف ٿيو ته مان پنهنجي جگر جو 75 سيڪڙو حصو وڃائي چڪو آهيان ۽ صرف 25 سيڪڙو تي زنده آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *