پنهنجي اي ٽي ايم کي قانون حوالي ڪرڻ خود احتسابي نه پر خودغرضي آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب حڪومتي ترجمان جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته عمران صاحب خود احتسابي جي ڳالهه تڏهن ڪريو جڏهن پاڻ کي ۽ بزدار صاحب کي قانون جي حوالي ڪريو، هڪ بيان ۾ هن چيو ته روشن مثال قائم ڪرڻو آهي ته عمران صاحب استعيفيٰ ڏيو، احتساب جي ڪٽهڙي ۾ بيهو، هن چيو ته اٽي کنڊ چوري جي سڀني فيصلن تي عمران ۽ بزدار جون صحيحون آهن، هن چيو ته عمران ۽ بزدار صاحب به گرفتار ٿين. هن چيو ته عمران صاحب پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو ته اهو قانون کان مٿانهون آهي، جڏهن شوگر مل وارا گهر ٺاهي ڏين ۽ گاڏي خريد ڪري ڏين ته پوءِ شوگر ملز لڳائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، شوگر ملز وارا ڪچن، پارٽي ۽ ڌرڻي جو خرچ هلائين ته شوگر مل لڳائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، هن چيو ته عمران صاحب جي تاريخ ان جا هٿ ٻين جي کيسي مان ڀري پئي آهي، مقصد عوام جي مفاد جو تحفظ هجي ها ته اٽي ۽ کنڊ جي کوٽ ٿيندي ٿيندي عمران صاحب کنڊ ۽ اٽي جي ايڪسپورٽ جي فيصلي تي صحيحون نه ڪري ها ۽ عوام کي مهانگو اٽو ۽ کنڊ وڪرو ڪرڻ جي فيصلي تي صحيحون نه ڪري ها، هن چيو ته خود احتسابي ان کي چوندا آهن جو نواز شريف، شهباز شريف ۽ ن ليگ ڪوڙن الزامن جي باوجود پاڻ کي قانون جي حوالي ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *