پنهنجي ئي تصوير شيئر ڪرڻ تان جينيفر لوپيز تي ڏنڊ جو ڪيس داخل

 

ڪراچي (شوبز نيوز) هالي ووڊ اداڪارا ۽ ڳائڻي جينيفر لوپيز هونئن ته پنهنجي پرفارمينس،فٽنيس ۽ انداز سبب خبرن ۾ رهندي آهي پر هاڻي هو گهٽ ۾ گهٽ 2 ڪروڙ 35 لک رپيا ڏنڊ کي منهن ڏئي رهي آهي. شوبز ويب سائيٽ اي آن لائن موجب جينيفر لوپيز تي آمريڪي نيوز اينڊ فوٽوگراف ايجنسي “اسپلاش” اجازت کانسواءِ پنهنجي ۽ پنهنجي مڱيندي جي تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ايجنسي طرفان مقامي عدالت ۾ ڳائڻي خلاف ڪاپي رائيٽس تحت ڪيس داخل ڪندي دعويٰ ڪئي وئي ته جينيفر لوپيز پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي سندس هڪ پراڻي تصوير شيئر ڪئي.ايجنسي موجب جينيفر لوپيز “اسپلاش” جي ملڪيت رهندڙ 2017ع جي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ڳائڻي کي پنهنجي مڱيندي ايلڪس روڊ رگيوز سان رومانوي انداز ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ايجنسي جنهن تصوير کي شيئر ڪرڻ تي ڳائڻي خلاف ڪيس داخل ڪيو ان کي 2017ع ۾ ان وقت ورتو ويو هو جڏهن سندس مڱڻي نه ٿي هئي ۽ ٻنهي وچ ۾ رومانوي لاڳاپن جون خبرون سامهون اچي رهيون هيون. ٻئي پاسي پنهنجي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ تي هيل تائين جينيفر لوپيز طرفان ڪو رد عمل سامهون ناهي آيو. اسپلاش نيوز سڄي دنيا ۾ نشرياتي ادارن، ويب سائيٽس ۽ اخبارن کي تصويرون ۽ خبرون پيسن عيوض وڪرو ڪندي آهي. اداڪارا طرفان تصوير کي نيوز ايجنسي کي ڪريڊٽ ڏيڻ کانسواءِ بنا اجازت وٺڻ جي شيئرڪرڻ تي سندس خلاف ڏيڍ لک آمريڪي ڊالر ڏنڊجو ڪيس داخل ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *