پنهنجو ورلڊ رڪارڊ امڙ جي نالي ڪريان ٿو: ياسر شاهه

 

ابو ظهبي(اسپورٽس نيوز) ليگ اسپنر ياسر شاهه چيو آهي ته جڏهن ڪرڪيٽ شروع ڪئي ته اهو سوچيو نه هو ته پاڪستان لاءِ به کيڏڻ جو موقعو ملندو.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ورلڊ رڪارڊ ٺاهڻ جي خوشي آهي ۽ ان کي پنهنجي جيجل امڙ جي نالي ڪريان ٿو. هن چيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ وڪيٽ نمبر 2 سئو ڇا سڀ کان بهترين وڪيٽ آهي؟ شايد نه آهي پر ان کي توهان ورلڊ رڪارڊ جي حيثيت سان ياد ته رکي سگهو ٿا پر ياسر شاهه جي خيال ۾ آسٽريليا جو اسٽيوا سمٿ جيڪو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ان جو پهرين وڪيٽ هو ان کي هو بهترين سمجهي ٿو.ورلڊ رڪارڊ کان هٽي ابوظهبي جي چوٿين ڏينهن جي راند تي ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ڪجهه مناسب بالنگ ناهي ڪئي، فيلڊنگ ۾ ڪيچ ڇڏي ڪيويز کي کلي آزادي ڏني، اها غلطي تسليم ڪرڻي پوندي، ليگ اسپنر انهن سمورن ڳالهين باوجود هاڻي به سمجهي ٿو ته ميچ هٿن مان ناهي نڪتي.ياسر شاهه جو چوڻ هو ته آخري ڏينهن جيڪڏهن اسان گهٽ وقت ۾ نيوزي لينڊ جون وڌيڪ 6 وڪيٽون حاصل ڪيون ته حالتون اسان جي حق ۾ اچي سگهن ٿيون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *