پنهنجن پرستارن کي ڏسي پنهنجي قدر ۽ قيمت جو اندازو ٿي وڃي ٿو: شرڌا ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره شرڌا ڪپور جو چوڻ آهي ته پنهنجن پرستارن کي ڏسي مون کي پنهنجي قدر ۽ قيمت جو اندازو ٿي وڃي ٿو ڀارتي ميڊيا موجب شرڌا ڪپور جو پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چوڻ هو ته اوهان هن فلم انڊسٽري ۾ جتي بيٺا آهيو ان کان سڀ کان بهتر اندازو ٺيٽر ۾ ماڻهن جي تاثر سان ٿئي ٿو مان جڏهن به ماڻهن سان ملندي اهيان ته ان شئي تي گهڻو غور ڪندي آهيان سندس چوڻ هو ته جڏهن مان سفر ڪندي آهيان ته ماڻهو مون وٽ ايندا آهن ۽ جڏهن گهر کان ٻاهر نڪرندي آهيان ته ماڻهو منهنجو انتظار ڪندا آهن پنهنجن پرستان کي ڏسي مون کي پنهنجي قدر ۽ قيمت جو اندازو ٿي وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *