پنجاب ۾ 5 آئي جي بدلي ڪيا ويا پر سنڌ ۾ وفاق غير معقول رويو اپنايو: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽرسنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان اهڙن علائن ۽ اهڙن شعبن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي تشخيصي جانچ ڪئي جنهن ۾ ترقي جي ڏس ۾ ضروري مداخلت ڪري سگهجي ٿي. ان اسٽڊي جي رهنمائي تحت ورلڊ بينڪ جي ڀائيواري سان صوبائي حڪومت ايندڙ ۱۰ سالن ۾ ڪي ايم سي، ڊي ايم سي، ڊسٽرڪٽ ڪونسل ۽ واٽر بورڊ سميت بلدياتي ادارن ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ  ۱۰ ارب ڊالر خرچ ڪندي، ان کان علاوه پاڻي، صحت، سالڊ ويسٽ مينجمينٽ، روڊن/پلن ۽ انڊر پاس جهڙن وڏن ترقياتي ڪمن جي شروعات ڪئي آهي ۽ ان جو مقصد ڪراچي کي دنيا جي بهترين رهائشي شهرن منجهان هڪ بڻائڻو آهي. اها ڳالهه هن ۴۷ تربيت هيٺ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي خطاب ڪندي چئي جنهن ڊائريڪٽر اڪيڊمي لاهور جي اڳواڻي ۾ سول سروس اڪيڊمي جي اهتمام هيٺ اسٽڊي ٽور تحت هتان جو دورو ڪيو. اجلاس ۾ چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، گهرو سيڪريٽري عثمان چاچڙ، سيڪريٽري ناڻو حسن نقوي، سيڪريٽري صحت زاهد عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو آهي ته ضلعي سربراهن جي ڊيوليوايشن ناظمن جي نالن تحت جوڙي وئي آهي. هن نه رڳو ڀرتيون شروع ڪيون پر تقرري، پروموشن ۽ ٽرانسفر (اي پي ٽي) جي قاعدن جي خلاف پروموشنز به ڏنا. هن چيو ته فقط ڪراچي ۾ ۶ هزار واڌو ملازمن کي ڪي ايم سي ۾ شامل ڪيو ويو. هن وڌيڪ يو ته ان نظام (ڊيولوشن) ۾ ڪوبه چيڪ اينڊ بيلنس نه هو، تنهن ڪري سڄو نظام متاثر ٿيو.  وڏي وزير چيو ته صوبائي اسيمبلي نئون بلدياتي قانون پاس ڪيو ۽ ميئر ڪراچي ۽ ٻين شهرن جي ميئر ۽ بلدياتي ادارن جي چيئرمين مالي اختيارن سميت ڪيترائي اختيار رکندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اهي مقامي ٽيڪس لاڳو ڪري سگهجن ٿا، ترقياتي ڪمن کي انجام ڏئي سگهجي ٿو. هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ ۲۹ ضلعا، هڪ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن، ۶ ڊي ايم سي، ۳ ميونسپل ڪارپوريشن، ۲۴ ضلعي ڪونسلون، ۳۷ ميونسپل ڪميٽين، ۱۴۷ ٽائون ڪميٽين، ۵۶۰ يونين ڪميٽين ۽ ۱۱۷۵ يونين ڪونسلون آهن. هن چيو ته اهي سڀ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ هيءُ واحد سنڌ صوبو آهي جنهن ۾ باضابطه بلدياتي ادارا موجود آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه اهو تاثر رد ڪيو ته ماڻهو ٿرپارڪر ۾ بک وگهي مري رهيا آهن. هن چيو ته اهو خيال انهن ماڻهن تيار ڪيو آهي جنهن  ڪڏهن ٿر جو دورو به ناهي ڪيو ۽ هاڻي ٿر صوبي جو هڪ بهترين ترقي يافته شهر آهي جنهن ۾ هڪ وڏو ۽ بهترين روڊ نيٽ ورڪ آهي، روزگار جا بهترين موقعا آهن ۽ هڪ سٺو ۽ سڀني سهولتن سان ٽمٽار اسپتال (ڊي ايڇ ڪيو مٺي) موجود آهي.  هن چيو ته ٿرپارڪر ۾ صوبائي حڪومت پنهنجن وسيلن سان ۴ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي ۽ آر او پلانٽن ذريعي ٿر جا ماڻهن کي روزگار، پاڻي جي سهولت ڏئي کين زندگي جي وهنوار کي تبديل ڪيو آهي. ها، ماڻهو آر او پلانٽن تي تنقيد ڪري رهيا آهن پر جڏهن به ٿر ۾ ڪٿي به آر او پلانٽ کي ڪنهن به ڪارڻ سان غيرڪارآمد بڻايو ويو ته علائقي جا ماڻهو پلانٽ کي هلائڻ لاءِ  احتجاج ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهن جيڪو آر او پلانٽن جي ڪارڪردگي ۽ افاديت جو مظهر آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته پنجاب ۾ پنج آئي جي پوليس بدلي ڪيا ويا آهن پر جڏهن سنڌ جي صوبائي ڪابينا آئي جي پوليس کي تبديل ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته وفاقي حڪومت غير معقول رويو اپنايو. وڏي وزير چيو ته هتي مختلف فورم آهن جيڪي اسڪيمن کي منظور ڪندا آهن ۽ ضلعي ترقياتي ڪميٽي کي ۲۰ ملين رپين جي اسڪيمن جي منظوري جو اختيار آهي، لاڳاپيل سيڪريٽري جي ماتحت ڊيولپمينٽ بورڊ کاتو ۴۰ ملين رپين جي اسڪيم جي منظوري ڏئي سگهجي ٿو، چيئرمين پي اينڊ ڊي جي تحت ڊپارٽمينٽ ڊيولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (ڊي ڊي ڊبليو پي) ۱۰ هزار ملين رپين جي منظوري جو اختيار رکندي آهي، ۱۰ هزا کان وڌيڪ اسڪيمن جي منظوري لاءِ  وفاقي حڪومت ڏانهن اماڻيو ويندو آهي. مراد علي شاهه چيو ته سڄي سنڌ ۾ امن ۽ امان بحال ٿيو آهي. ڪوبه ڪهڙي وقت سڄي سنڌ ۾ ڪنهن به روڊ تي سفر ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جو مسئلو آهي جنهن کي منظم انداز ۾ ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير سول سروس ۾ نون ايندڙن جي هر هڪ سوال جو جواب ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *