پنجاب ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، سوين ڳوٺ ٻڏي ويا، سنڌ جو ڪچو به پاڻي هيٺ اچي ويو

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌو درياءَ ۾ مسلسل چاڙهه جو سلسلو جاري آهي، ڪچي جا وڌيڪ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، ماڻهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي، پنجاب ۾ برساتن ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، سنڌو درياءَ ۾ ليا واري هنڌ 5 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو گذري رهيو آهي، راجنپور، ليه ۽ مظفرڳڙهه جا سوين ڳوٺ ٻڏي ويا. گڊو بيراج جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 53 هزار ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 27 هزار 582 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، سکر بيراج جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 83 هزار 212 ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 27 هزار 582 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪوٽڙي بيراج جو مٿانهون وهڪرو 78 هزار 792 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 38 هزار 97 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اندر سکر ۽ گڊو بيراج ۾ وڌيڪ چاڙهه جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه سبب سکر، پنوعاقل، روهڙي ۽ علي واهڻ جاڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته ڪچي جي ماڻهن پاران پاڻ مدد تحت لڏپلاڻ شروع ڪئي وئي آهي. پنجاب جي علائقي ڪوٽ مٺڻ وٽ وڏي ٻوڏ جي خدشي سبب لڏپلاڻ تيز ٿي وئي آهي، راجن پور ۽ ڪوٽ مٺن واري هنڌ سنڌو درياءَ ۾ 5 لک 20 هزار ڪيوسڪ جو وهڪرو گذري رهيو آهي، سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. پي ڊي ايم اي جي ترجمان مطابق راجنپور جا 50 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي چڪا آهن، ليا جا 71 ڳوٺ ۽ مظفرڳڙهه جا 10 ڳوٺ ٻوڏ جي پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا آهن. متاثر علائقن مان وڏي انگ ۾ ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، لڏپلاڻ دوران راجن پور ۾ 6 ورهين جو ٻار ٻڏي فوت ٿي ويو. ڪوهه سليمان تي برساتن بعد ندين نالن کي گهارا پئجي ويا، ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، انتظاميه راجن پور جي علائقي حاجي پور ۾ رليف ڪيمپ قائم ڪري ورتي آهي. سنڌو درياهه جي وهڪرن ۾ مسلسل چاڙهه سبب گڊو جي ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، علائقي مان وڏي انگ ۾ ماڻهن جي پڪي ڏانهن لڏپلاڻ جاري آهي، جڏهن ته متاثرن جي امداد ناهي ٿي سگهي. گڊو بيراج وٽ پاڻي جو مٿانھون وھڪرو 3 لک 53 ھزار 71 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي، جڏھن ته ايندڙ ٻن ڏينهن اندر وڏو پاڻي جو ريلو اچڻ جو امڪان پڻ آھي.. سنڌو درياءَ ۾ چاڙھ بعد گڊو جي ڪچي جي ڳوٺ جتوئي سولنگي، ڳوٺ دلبر ماڇي، ڳوٺ گل حسن سولنگي، ڳوٺ علي نواز سولنگي، ڳوٺ حضور بخش سولنگي، ڳوٺ محمد مراد چاچڙ، ڳوٺ عبدالله چاچڙ، ڳوٺ عبدالرحمان واگھڙ، ڳوٺ ممتاز مزاري ۽ ڳوٺ يار محمد مزاري سميت سوين ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن. ھزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پڻ پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي، جنهن سبب ڳوٺاڻن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي، وڏي وزير جي حڪم باوجود ڪشمور ضلعي جي انتظاميه متاثرن جي ڪا به مدد نه ڪري رهي آهي، بي گھر ٿيندڙ ماڻھو پنھنجي مدد پاڻ ڪچي کان پڪي طرف لڏپلاڻ ڪري بندن تي اجها اڏي رھيا آھن. ڪيترائي ڳوٺاڻا ڪا به سھولت نه ھجڻ سبب ڪچي اندر پاڻي ۾ ڦاٿل آھن، تعلقي انتطاميه توڙي ضلعي انتظاميه ڪچي اندر ڦاٿل ماڻھن کي ٻاھر ڪڍڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آھن. ھوڏانهن، گڊو بيراج وٽ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل واڌ ٿيڻ سبب گھوٽڪي فيڊر ۽ ڀنگ بچاءُ بند ۾ ڪيترن ئي ھنڌن تي لڳل غيرقانوني پائيپ نه ھٽايا ويا آھن جنهن سبب بچاءُ بندن تي وڏو زور پئجي ويو آھي…..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *