پنجاب ۾ هڪ به اهڙي اسپتال ڏيکاريو، جتي جيري، بُڪين ۽ ڪينسر جو علاج ٿيندو هجي: بلال ڀٽو

گمبٽ (م.ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گمبٽ گمس اسپتال جي دوري پهتو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽيءَ سندس شاندار استقبال ڪيو. بعد ۾ گمس جي ٽن شعبن ريپڊ ريسپانس سينٽر، ڪينسر ۽ بون ميرو جو افتتاح ڪيو ۽ اسپتال جي مختلف وارڊ جو دورو ڪري داخل مريضن جي عيادت پڻ ڪئي.هن مريضن کان کين ملندڙ علاج جي سهولتن بابت پڻ معلوم ڪيو.بلاول ڀٽو زرادريءَ گمس اسپتال ۾ ڇهن مهينن دوران 550 مريضن جا لور ٽرانسپلانٽ مڪمل ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ صحتياب ٿيندڙ مريضن سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيو.جنهن کانپوءِ گمس جي آڊيٽوريم هال ۾ خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو ته گمبٽ اچڻ تي هميشه خوشي ٿيندي آهي، 2019 ۾ ڪيل دوري وقت گمس ۾ ڪيترن ئي شعبن جو ڪم ٿي رهيو هو، انهن مان ٽن شعبن جو افتتاح ڪيو آهي، انشاءَ الله مڪمل ٿيل شعبا بهتر ڪم ڪندا.هن چيو ته حادثا هميشه ٿيندا آهن، جنهن لاءِ ريپڊ ريسپانس سينٽر بهترين ٺاهيو ويو آهي، ههڙو سينٽر ٻين شهرن ۾ به قائم ڪيو ويندو.بلال ڀٽو پنجاب سرڪار کي چئلينج ڪندي چيو آهي ته پنجاب ۾ هڪ به اهڙي اسپتال ڏيکاريو، جتي جيري، بُڪين ۽ ڪينسر جو علاج ٿيندو هجي، نقل لاءِ به عقل کپي ٿو.پ پ جي وسيله صحت ڪارڊ کي انصاف صحت ڪارڊ جو نالو ڏنو ويو، پي ٽي آءِ حڪومت صحت ڪارڊ غلط هلائي رهي آهي، پنهنجا وسيلا صحيح نموني استعمال ڪريو ته لاهور ۽ پشاور ۾ به گمس جهڙيون اسپتالون ٺهي سگهن ٿيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *