پنجاب ۾ عوام جا مسئلا حل ٿين ها ته مڪاني چونڊن ۾ شڪست نه ملي ها: بلاول ڀٽو

لاهور (بيورو) لاهور ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ۾ مڪاني چونڊن دوران ناڪامي تي اڳواڻن مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪارڪردگي رپورٽ طلب ڪري ورتي. اجلاس ۾ پ پ اڳواڻ قمرالزمان ڪائره، راجا رياض، فردوس عاشق اعواڻ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پنجاب ۾ پ پ اڳواڻن عوام جا مسئلا حل ڪن ها ته مڪاني چونڊن ۾ شڪست نه ملي ها. ان موقعي تي پ پ چيئرمين، پنجاب جي سمورن پارٽي اڳواڻن کي رپورٽ گهري ورتي. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي قمرالزمان ڪائره چيو آهي ته پ پ هميشه جمهوري ۽ پارلياماني نظام کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته مڪاني چونڊن جا نتيجا ڪنهن پارٽي جي مقبوليت جي ضمانت ناهي. سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن کان ڪارڪردگي جي رپورٽ گهري آهي، پارٽي اندر تنظيمي معاملن ۾ تبديلي ٿيندي رهندي آهي. قمرالزمان ڪائره چيو آهي ته پنجاب ۾ پ پ جي ڪارڪردگي تي غور ڪرڻ جي ضرورت ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *