پنجاب ۾ صحت ڪارڊ منصوبي جو افتتاح، مخالف ڌر جيترو مرضي شور مچائي هڪ هڪ جو احتساب ٿيندو: عمران خان

اسلام آباد/راجن پور(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر جيترو مرضي شور مچائي هڪ هڪ جو احتساب ٿيندو ڇو ته طاقتور ۽ ڪمزور جي احتساب جو هڪ جهڙو نظام هئڻ سان ئي ملڪ اڳتي وڌندو./ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 21

وزير اعظم پنجاب ۾ صحت ڪارڊ منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. عمران خان راجن پور ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته بدقمستي سان اسان پاڪستان جي نظريي کان پري ٿي وياسين، اسان کي گهرجي ته ملڪ کي مديني جهڙي رياست جي اصولن تي بيهاريون، پاڪستان دنيا ۾ واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي بڻيو، جيڪڏهن ان نظريي تي قائم نه رهياسين ته ملڪ ختم ٿي ويندو. وزير اعظم عمران خان چيو ته سرڪاري ادارن جو سڀ کان وڏو مسئلو سزا ۽ جزا جو نظام آهي، ان نظام جي قائم ٿيڻ تائين ڪو ادارو ٺيڪ نه ٿيندو، سڄو شريف خاندان علاج جي لاءِ پرڏيهه ويندو آهي، نبي صه چيو ته امير ۽ غريب جي لاءِ الڳ الڳ قانون سان قومون تباهه ٿينديون آهن ملڪ ۾ طاقت ور جي لاءِ الڳ ۽ ڪمزور جي لاءِ الڳ قانون آهي. عمران خان چيو ته شريف خاندان لنڊن ۾ محل تسليم ڪيا پر ملڪيت جو هڪ به دستاويز پيش نه ڪيو، جيڪڏهن پيش ڪري ها ته سڄو ڪيس ختم ٿي وڃي ها، طاقتور ۽ ڪمزور جي احتساب جو نظام هئڻ سان ئي ملڪ اڳتي وڌندو، ڪرپشن جي يونين ۽ ٽولو جمهوريت جي نالي تي پنهنجي چوري بچائڻ ۾ لڳل آهي. ٻئي طرف  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سرڪاري آفيسر عوام لاءِ در کليل رکڻ جي پاليسي تي عمل يقيني بڻائين، جڏهن ته سرڪاري گڏجاڻين جي آر ۾ عوام کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ دير ڪرائڻ جي روش برداشت نه ڪئي ويندي.  وزيراعظم عمران خان سان سرگوڌا ڊويزن جي قومي اسيمبلي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪامورا شاهي کي مڪمل طور غير سياسي بڻائڻ ۽ پبلڪ سروس ڊليوري کي يقيني بڻائڻ حڪومت جو منشور آهي. هن چيو ته عوامي نمائندا بدعنواني، رشوت خوري ۽ اقربا پروري ۾ ملوث عنصرن جي نشاندهي ڪن ۽ سرڪاري اهلڪارن طرفان عوام لاءِ  ڏکيائيون پيدا ڪرڻ جي روش ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. هن چيو ته چونڊيل نمائندا عوام کي پيش مسئلن جي نشاندهي ڪن ۽ مسئلن جي حل لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته سرڪاري گڏجاڻين جي آڙ ۾ عوام کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرائڻ جي روش برداشت نه ڪئي ويندي.  وزيراعظم عمران خان چيو ته نوجوانن کي هنر سيکارڻ، زراعت جي ترقي حڪومت جي اوليتن ۾ شامل آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ غريب ۽ حقدار ماڻهن جي مدد لاءِ تفصيلي پروگرام جو اعلان جلد ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *