پنجاب ۾ حڪومت نالي ڪا شئي ناهي، اسان کي اقتدار نه خوشحالي کپي: خورشيد شاهه

لاڙڪاڻو(بيورو) پ پ اڳواڻن چيو آهي ته پنجاب ۾ حڪومت نالي ڪا شئي ناهي. هاري ۽ مزدور پيڙجي رهيو آهي پر انهن جو حال پڇڻ وارو ڪير به نه آهي. اسين عوام کي ڏکئي حال ۾ ڇڏي ڀڄڻ وارا  ناهيون. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته  هن ملڪ ۾ هاري، مزدور پيڙجي رهيو آهي، حڪمرانن جي ڪن تي جونءِ به نٿي چري. سندس چوڻ هو ته اسان عوام کي ڏکين حالتن ۾ ڇڏي ڀڄي وڃڻ وارا ناهيون. اسين اقتدار جا بکيا ناهيون، اسان کي حڪومت نه خوشحالي گھرجي.  خالي ڳالهيون ڪرڻ سان ڪير ليڊر نٿو بڻجي سگھي. ليڊر ٿيڻ لاءِ ڪشالا ڪٽڻا پوندا آهن، جيل ڀوڳڻو پوي ٿو. هن چيو ته بينظير ڀٽو سڄي ڄمار عوامي جدوجهد ۾ گذاري ڇڏي. هن چيو ته ڪجھه ماڻهو ميڊيا تي اچي پ پ خلاف واويلا ڪري رهيا آهن. پ پ خلاف سازشون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون. الله جي عدالت آهي ۽ الله سڀ ڪجھه ڏسي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *