پنجاب ڪابينا ۾ واڌ، راڻا ثناءُ الله ۽ ڊاڪٽر عائشه غوث حلف کڻي ورتو ، راڻا ثناءُ کي ساڳيو قلمدان ملڻ جو امڪان

لاهور (بيورو) پنجاب ڪابينا ۾ واڌ کانپوءِ راڻا ثناءُ الله ۽ ڊاڪٽر عائشه غوث صوبائي وزير طور حلف کڻي ورتو آهي، راڻا ثناءُ الله کي قانون ۽ ڊاڪٽر عائشه کي ناڻي واري وزارت جو قلمدان ڏيڻ جو امڪان آهي. گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي صوبائي وزيرن جي حلف برداري تقريب ٿي، جنهن دوران گورنر رفيق رجوانه راڻا ثنا الله ۽ ڊاڪٽر عائشه کي صوبائي وزير طور حلف کڻايو. تقريب ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سميت صوبائي وزيرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. راڻا ثناءُ الله کي هڪ ڀيرو ٻيهر قانون واري کاتي جو قلمدان ملڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر عائشه غوث کي ناڻي وارو وزير مقرر ڪيو ويندو. راڻا ثناءُ الله جي ڊگهي عرصي بعد پنجاب ڪابينا ۾ واپسي ٿي آهي، کيس ماڊل ٽائون واقعي کانپوءِ عهدي تان هٽايو ويو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *