پنجاب جي وڏي وزير جو مسيحي جوڙي جي ٻارڙن لاءِ 50 لک رپيا مالي امداد ۽ 10 ايڪڙ ايراضي ڏيڻ جو اعلان

قصور (م.ڊ) پنجاب جي وڏي وزير محمد شهبازشريف شريف قصور جي علائقي ڪوٽ راڌا ڪشن جي مقامي ڳوٺ ۾ زنده ساڙيل زال مڙس جي گهر ويو ۽ مظلوم خاندان سان واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو وڏي وير مظلوم خاندان سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان کي هر حال ۾ انصاف فراهم ڪيو ويندو ۽ انصاف ٿيندي به نظر ايندو جوابدار سزا کان نه بچي سگهندا هن مظلوم خاندان کي آٿت ڏيندي چيو ته بربريت جي هن واقعي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي وڏي وزير مسيحي جوڙي جي ٽنهي ٻارڙن لاءِ 50 لک رپيا مالي امداد ۽ کين 10 ايڪڙ ايراضي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هن چيو ته ٽنهي ٻارڙن جي ڪفالت پنجاب حڪومت ڪندي کين تعليم ۽ صحت جون مفت سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *